تازيون خبرون

Daily Archives: September 29, 2014

لتا منگيشڪر طبيعت خراب هجڻ ڪري پنهنجي سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي

ممبئي (شوبز نيوز) بالLata-Mangeshkarي ووڊ ڳائڻي لتا منگيشڪر طبيعت خراب هجڻ جي ڪري پنهنجي 85هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي، ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ليجنڊ ڳائڻي لتا منگيشڪر جي سالگرهه تقريب جو خصوصي مهمان ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر هو، لتا ٽيليفون ذريعي پارٽي ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ سچن ٽنڊولڪر کان پارٽي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي معذرت ڪئي، لتا منگيشڪر بدران سندس ڀيڻ مهمانن جي ميزباني ڪئي، لتا منگيشڪر 1943ع ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.

چيمپيئنز ليگ ٽي-20 ۾ لاهور لائنز پنهنجي آخري ۽ اهم ليگ ميچ (اڄ) آسٽريليا جي پرٿ اسڪارچرز خلاف کيڏندي

بنگلور (اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ليگ ٽي-20 ۾ لاهور لائنز پنهنجي آخري ۽ اهم ليگ ميچ (اڄ) اڱاري واري ڏينهن آسٽريليا جي پرٿ اسڪارچرز خلاف ايم چنا سوا768170-Lions-1411842096-300-640x480مي اسٽيڊيم بنگلور ۾ کيڏندي. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ ٿيندي ۽ ميچ پاڪستاني وقت مطابق منجهند 3:30 وڳي شروع ٿيندي. گروپ اي ۾ ڪلڪتانه نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم 3 ميچون کٽي 12 پوائنٽن سان سيمي فائينل لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪي آهي. انهيءَ گروپ ۾ چنائي سپر ڪنگز پنهنجون سموريون گروپ ميچون کيڏي 10 پوائنٽن سان ٻئي جڏهن ته لاهور لائنز ٽي ميچون کٽي 6 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي.

 

ايشين گيمز مينز ڪوڏي ڪوڏي پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ اڄ بنگلاديش خلاف کيڏندو

انچيون (اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ اڄ اڱاري تي وڌيڪ 3 ميچون کيڏيون وينديون. تفصيل موجب مينز ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ شاندار مقابلن جو سلسلو جاري آهي. مينز ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ (اڄ) اڱاري تي وڌيڪ 3 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ ۾ ايران ۽ ڏکڻ ڪوريا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون جڏهن ته ٽين ميچ جاپان ۽ ملائيشيا وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

ڪامران خليل اسڪول انيشيئيٽو پروگرام ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي چين روانو ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ٽينس ٽيم جو ڪوچ ڪامران خليل اسڪول انيشيئيٽو پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ”سڀاڻي“ اربع واري ڏينهن چين روانو ٿيندو. اسلام آباد ٽينس ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر فضل سبحان ٻڌايو ته پروگرام 2 کان 6 آڪٽوبر تائين چين ۾ منعقد ٿيندو ۽ پروگرام ۾ سموري ايشيا جا ڪو آرڊينيٽر شرڪت ڪندا. جنهن جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

چيمپيئنز ليگ ٽي-20 ۾ (اڄ) آخري ٻه ميچون کيڏيون وينديون

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ليگ ٽي-20 ۾ (اڄ) اڱاري ڏينهن آخري ٻه ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ گروپ اي جي ٽيمن لاهور لائنز ۽ پرٿ اسڪارچرز وچ ۾ بنگلور ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ بارباڊوس ٽرائيڊنس ۽ نادرن ڊسٽرڪٽس جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. آءِ پي ايل چيمپيئن ڪلڪتا نائٽ رائيڊرز شروعاتي ٽئي ميچون کٽي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ڊولفنز ٽئي ميچون هارائي ايونٽ کان ٻاهر ٿي چڪي آهي. واضح رهي ته چيمپيئنز ليگ جا ٻئي سيمي فائينل 2 آڪٽوبر ۽ فائينل 4 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.

بدامني جي ور چڙهيل حيدرآباد…!

حيدرآباد ۾ بدامني وڌي وئي، عيدالضحيٰ ويجهو ايندي ئي ڏوهارين تر تپائي ڇڏيو، مختلف علائقن ۾ ڦر ۽ چوريءَ جون وارداتون، ڏوهاري شهرين کان لکين رپيا روڪ رقم، موٽرسائيڪل، موبائل فون ڦر، هڪ جيپ ۽ 12 لک ماليت جون 6 مينهون چوري ڪري ويا، گهر مان پاڻيءَ جو موٽر چوري ڪندڙ چور کي شهرين سوگهو ڪري ورتو ۽ سخت مارڪٽ ڪندي کيس باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي. حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد هيرآباد ۾6 اڻ ڄاتل هٿياربند جاويد قيوم پٺاڻ هڪ لک 70 هزار رپيا روڪ رقم، هڪ ليپ ٽاپ ۽ 3 موبائل فون ڦر ڪري ويا، ساڳي ٿاڻي جي حد ٻڪرا پڙي واري علائقي مان اڻڄاتل هٿياربند عديل رائو کان هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل، 2 موبائل فون ۽ 15 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري ويا، مارڪيٽ ٿاڻي جي حد او پي ڊي چوڪ وٽان نامعلوم ڦورو عادل کان موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا، لطيف آباد نمبر 7 مان هٿياربند هڪ شادي هال جي ٻاهران هاشم جي مهراڻ ڪار چوري ڪري ويا، لطيف آباد نمبر 11 مان ڦورو يامين کان موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ هزارين رپيا روڪ رقم ڦر ڪري ويا، لطيف آباد نمبر 6 مان اڻڄاتل هٿياربند رشيد نالي شخص کان 15 هزار رپيا روڪ رقم، موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد لطيف آباد نمبر 7 مان هٿياربند هڪ دڪان تي چڙهائي ڪري نويد ۽ ثاقب کان 70 هزار رپيا روڪ رقم۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته عيد تائين سمورن شهرن ۾ سيڪيورٽي پلان جوڙي هر چوڪ تي محافظ بيهاريا وڃن ته جيئن خريداري ڪندڙ توڻي رستي ويندڙ جي جان و مال جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي،ڇاڪاڻ ته عيد ويجهو ايندي ئي ڏوهارين قسم جا ماڻهو ڦر ۽ ڌاڙن جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ڪيترائي شهري انهن جي ور چڙهي پنهنجو قيمتي سامان ۽ پئسه، موبائيل وغيره وڃائي ويهندا آهن. ان ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اهيو لازم ٿئي ٿو ته هو شهرين جي جان و مال جي حفاظت ڪن.

دربدري جڏهن مقدر بڻجي وڃي؛ رافيعه ذڪريا

                         گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 69 هون اجلاس گذريل هفتي شروع ٿيو. بلڪل آخري ڏينهن مزدورن، رينوويشن کانپوءِ جنرل اسيمبلي هال جي فنشنگ ڪئي. نئون ڪارپيٽ، نئون بيڪ ڊراپ ۽ نيون ڊيسڪون اُن رينوويشن جي خاص ڳالهه آهي ۽ اُنهي تي صرف 2 ارب ڊالر خرچ آيو.

                         پر هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي ليڊر قيمتي ۽ نفيس لباس پهري دنيا جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ لڳا، گذريل اربع واري ڏينهن Norwegian Refugee Council جي Internal Displacement Centre جي گڏيل قومن جي سهڪار سان تيار ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته پوري دنيا ۾ تقريبن ٻه ڪروڙ ويهه لک ماڻهن کي سال 2013ع ۾ موسمي آفتن سبب دربدريءَ جو منهن ڏسڻو پيو آهي.

                         رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته اُنهن آفتن سبب دربدر ٿيڻ جو خطرو گذريل 40 سالن دوران ٻيڻو ٿي ويو، جنهن جو ڪارڻ، متاثر مُلڪن ۾ وڌندڙ شهري آبادي آهي. متاثر مُلڪن ۾ دنيا جا غير ترقي يافته مُلڪ شامل آهن. اُنهن ٻه ڪروڙ ويهه لک ماڻهن مان تقريبن هڪ ڪروڙ نوي لک جو تعلق ايشيا سان آهي.

جيڪڏهن قدرتي آفتن سبب دربدري جون خبرون گهڻيون اهم ناهن ته تڪرارن سبب بي گهر ٿيڻ وارن ماڻهن جي باري ۾ گڏيل قومن جي رپورٽ به هڪ ڀيانڪ تصوير پيش ڪري ٿي. جنرل اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ کان پهريان گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري، UNHCR شام وارين حالتن جي باري ۾ پنهنجي تازي رپورٽ پيش ڪئي.

رپورٽ مطابق شام اندر اڌ آبادي دربدر ٿي چُڪي آهي. تقريبن 30 لک ماڻهن، ترڪي، لبنان، اردن ۽ ٻين پاڙيسري مُلڪن اندر ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي. چيو وڃي ٿو ته اُنهن مان گهڻي ڀاڱي ماڻهو هاڻ ڪڏهن به پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي نه سگهندا. ڇو ته تڪرار ايترو شديد آهي جو اُن سندن ڌرتيءَ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي.

پاڪستان ۽ هتي جي ماڻهن جي دربدريءَ جو پاڪستان جي وجود واري وقت کان چولي دامن جو ساٿ آهي. پر ان حقيقت جي باوجود به اسان بي گهر ٿيڻ وارن ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪا پلاننگ ناهي ڪئي. پنهنجي آرامده گهرن کان بي گهر ٿيڻ جو تازو مثال فاٽا ۾ آپريشن ضرب عضب کان پوءِ ٿيڻ واري لڏپلاڻ آهي. گڏيل قومن مطابق تقريبن 10 لک ماڻهن کي اُن آپريشن سبب لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، جڏهن ته حڪومت ڏهه لک ماڻهن جي لاءِ 6 پناهگير ڪيمپون قائم ڪيون آهن.

هيءَ ته ٿي اُنهن ماڻهن جي ڳالهه، جيڪي تڪرارن جي مُنهن ۾ آهن. اُنهن ماڻهن لاءِ ڇا چئجي، جن کي قدرتي آفتن سبب پنهنجا اجها ڇڏڻا پيا؟ مُلڪ ۾ هاڻوڪي ٻوڏ هيستائين 200 ماڻهن جون زندگيون ڳڙڪايون آهن. جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 27000 ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ٿيا آهن. اُنهن هزارين ماڻهن مان ڪيترا ته اهڙا خوش نصيب هُئا، جو ٻوڏ جي وهڪري سان سندن گهر به لُڙهي ويا صرف، ڪجهه لمحا پهريان ئي هيليڪاپٽرن ذريعي اُنهن کي گهرن جي ڇتين تان ريسڪيو ڪيو ويو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مقامي ”معززن“ اُنهن متاثرن ۽ برباد علائقن جو دورو ڪيو. فوٽو شوٽ ڪيا، ٽي وي تي هٿ ملائيندي ڏٺا ويا، ڀاڪر پائي مليا ۽ جلد ئي هميشه جيان سڀ ڪجهه وساريو ويندو.

پاڪستان جي تخليق جي ڪهاڻي ۾ دربدري کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي ۽ اُن ۾ اهم ڳالهه اها مڃي ٿي وڃي ته جيڪي ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿين ٿا، اُهي ٻيهر پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي نئين زندگيءَ جي شروعات به ڪري سگهن ٿا.

اُنهن ۾ ان ڳالهه جي پرچار به ڪئي ويندي آهي ته هڪ نئون سماج، اچڻ وارن ماڻهن کي خوش آمديد چوندو آهي، اُنهن لاءِ جاءِ پيدا ڪندو آهي ۽ آهستي آهستي اُنهن کي پاڻ ۾ ضم ڪري ڇڏيندو آهي. پر آزادي کان پوءِ ٿيڻ واري لڏپلاڻ ۽ آپريشن، تڪرار يا قدرتي آفتن سبب دربدر ٿيڻ وارن ماڻهن جي ڪيسن مان اها ڳالهه سچي معلوم نٿي ٿئي. هر جڳهه صوبائي ۽ زباني بنيادن تي اختلاف کُلي سامهون اچن ٿا ۽ اها ڳالهه رت ۾ شامل آهي، جنهن جو مثال جيڪڏهن آزادي ناهي ته خودمختياري جا مطالبا آهن.

اُن جو هڪ ڪارڻ هي به ٿي سگهي ٿو ته پوري دنيا ۾ ۽ مقامي تصورن ۾ دربدري کي هڪ ٽيڪنيڪي ۽ ٿوري وقت جي مسئلي طور پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪيمپون، خيما ۽ شيلٽرن کان وڌيڪ ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناهي هوندي، بلڪل اهي شيون ترت گهربل هونديون آهن، ۽ جيڪي ماڻهو ڇپر کان محروم ٿي ويندا آهن، اُنهن کي شيلٽر فراهم ڪرڻ گهرجي. پر وڏي پيماني تي نقصان اُنهن ڪميونٽيز جو ٿيندو آهي، جن جو نظام درهم برهم ٿي ويندو آهي.

پاڪستان جهڙي سماج ۾، جتي حڪومت سيڪيورٽي، سوشل سروس، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهوليتن جي مد ۾ فراهمي نه برابر آهي، اُتي اهڙي قسم جي دربدريءَ سبب سماجي رشتا ۽ اسٽرڪچر تمام گهڻو متاثر ٿيندو آهي.

مثال طور، هڪ تازي رپورٽ مطابق اردن جي هڪ پناهگير ڪيمپ ۾ شامي خاندان پنهنجي 12 سالن جي ننڍين ڇوڪرين جون شاديون ڪرائي رهيا آهن. ڇو ته اُنهن کي ڪيمپن ۾ ٻارن جي تحفظ جو فڪر آهي. ٻارن جي ننڍي عمر ۾ شادي جا پنهنجا الڳ مسئلا آهن ۽ اُن سان صرف جنسي صحت جا مسئلا ناهن، بلڪه جنسي استحصالي جو مسئلو به جنم وٺي ٿو. ڪميونٽي جي اندر ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب سماج ڪمزور ٿيندو ٿيندو آخر تباهه ٿي ويندو آهي.

ماڻهن کي هڪ هنڌ تان کڻي ٻي هنڌ تائين منتقل ڪرڻ سان سڃاڻپ ۽ ڪميونٽي کسجي ويندي آهي، جنهن سبب سماج ڪمزور ۽ ناڪام ٿي ويندو آهي. ان ڳالهه جو سڀ کان وڏو اثر پاڪستان جهڙي مُلڪ تي پيو آهي، جتي برادري ۽ سماجي تعلق شخصي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

رياست، هميشه ڪمزور، نازڪ ۽ اشرافيه جي زير اثر رهي آهي. اها استحڪام نه آڻي سگهي آهي ۽ نه ئي هاڻوڪين دربدرين کان پوءِ اُها استحڪام آڻي سگهندي. ها ايترو سو ضرور ٿيندو ته ظاهري طور تي ڪجهه مالي مدد فراهم ڪئي ويندي.

پاڪستاني پنهنجو گهڻي ڀاڱي وقت مسئلن جي باري ۾ سوچيندي گذارين ٿا. عورتن ۽ ٻارن تي، ڪمزورن ۽ غريبن تي ظلم ۽ ستم تي پريشان ٿين ٿا. اهي مسئلا ڪجهه به ناهن، صرف ڪميونٽيز جي تباهه ٿيڻ جي علامت آهن. ڇو ته ڪميونٽي اُها واحد شيءِ آهي، جيڪا سڀني کي گڏ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.

*****************

سنڌ جو ورهاڱو، نوان صوبا ۽ ون يونٽ؛ عاجز جمالي

                         سنڌ ۾ جڏهن ڪنهن ڌار صوبي، نئين صوبي يا نوان يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان کي سنڌي ماڻهو ٻن طريقن سان ڏسندا آهن. هڪ سنڌ ڌرتيءَ سان سندن جذباتي ۽ فطرتي وابستگي ۽ ٻيو تاريخي حقيقتن ۽ دليلن جي بنياد تي. پاڻ هن نئين بحث ۾ ڪوشش ڪنداسين ته تاريخ ۽ دليل جي بنياد تي اهو ثابت ڪريون ته سنڌ جو ورهاڱو نه ٿو ٿي سگهي. نه سنڌ ۾ ڪو نئون صوبو ٺهي سگهي ٿو ۽ نه قانوني طور تي سنڌ ۾ ڪو الڳ يونٽ ٺهي سگهي ٿو. ملڪ ۾ قانوني طور نوان صوبا ٺاهڻ بابت مون ان ڏينهن بئريسٽر ضمير گهمرو جي تقرير ٻڌي، ان ۾ هُن قانوني طور تي اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان جي آئين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڪا به گنجائش ڪانهي. ان ڪري نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ پهرين 1973ع جي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. ضمير گهمرو تنهن ڏينهن ڪراچيءَ ۾ شاهه اويس نورانيءَ جي گهر تي ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ خطاب ڪري رهيو هو. شاهه اويس نوراني ڪراچيءَ جي ناليواري عالم مولانا شاهه احمد نورانيءَ جو فرزند آهي. سني فرقي جو ناليوارو عالم مولانا شاهه احمد نوراني مرحوم سڄي حياتي ڪراچيءَ ۾ لساني سياست جي مخالفت ڪندو رهيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اهڙا هزارين اردو ڳالهائيندڙ آهن جيڪي کُليل نموني سنڌ ۾ نسلي سياست جي مخالفت ڪندا رهيا آهن. اڄ به اهڙا هزارين اردو ڳالهائيندڙ پڙهيا لکيا آهن، جيڪي سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ لساني ۽ نسلي سياست کي وڏي بيماري ۽ خطرو سمجهن ٿا.

قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي جي ڪوششن سان ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ان حساب سان ڏاڍي لاڀائتي ثابت ٿي جو ان ۾ ڪيترن ئي اردو ڳالهائيندڙن اچي سنڌ جي ورهاڱي جي تصور کي رد ڪيو. ان ڪانفرنس ۾ اردو، سنڌي، بلوچ ۽ پشتون سياسي اڳواڻن جي شرڪت جو سٺو پيغام ويو. ان کانپوءِ گذريل ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ٽي تلوار وٽ سنڌي اديبن، دانشورن، شاعرن، فنڪارن، سول سوسائٽي ۽ زندگيءَ جي هر شعبي مان ماڻهن احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪري سنڌ جي ورهاڱي جي سوچ کي رد ڪيو. سنڌي رائيٽرز اينڊ ٿنڪرز فورم جي هن مظاهري ۾ خورشيد شاهه سميت ڪيترائي سياسي اڳواڻ پڻ اچڻا هئا پر بعد ۾ خبر پئي ته کين شريڪ ٿيڻ کان روڪيو ويو هو پر ٿلهي ليکي ان مظاهري جو ڏاڍو سٺو تاثر قائم ٿيو. اردو ميڊيا روايتي تعصب جو مظاهرو ڪندي هنن ٻنهي پروگرامن کي اهميت ڪا نه ڏني. ان کانسواءِ سنڌ اسيمبليءَ به ان ڏينهن سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد منظور ڪري پنهنجو فرض پورو ڪيو پر اها قرارداد به ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم جي ڌرڻن ۾ لڙهي وئي. هي ته هئا ڪجهه ردعمل ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد بابت پڻ بئريسٽر ضمير گهمرو چوي ٿو ته اها قرارداد آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي. قرارداد کي تبديل ڪيو وڃي. سنڌ جي ورهاڱي جي سوچ خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران هڙتال ڪرائي وئي. سنڌ بچايو ڪميٽيءَ مزاحمت جو اعلان ڪيو. هي هڪ مظهر آهي سنڌ ۾ ورهاڱي جي سوچ خلاف سنڌي ماڻهن جو، پر ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين چوي ٿو ته هو سنڌ جو ورهاڱو نه ٿو چاهي پر نوان يونٽ يا نئون صوبو ٿو چاهي. مون جڏهن نئين يونٽ جي ڳالهه ٻڌي ته منهنجي ذهن ۾ ”ون يونٽ“ جو خيال آيو. ان ڪري ون يونٽ جي تاريخ پڙهڻ جو خيال آيو. اها به سوچ ذهن ۾ اڀري ٿي ته ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ ڇا ڇا ٿيو. ون يونٽ ته نيٺ ختم ٿيو پر ان مان هڪڙو يونٽ (اولهه پاڪستان) هليو ويو.

تاريخي حقيقتون:-

پاڪستان جي بنگالي وزيراعظم محمد علي بوگره 22 هين نومبر 1954ع تي ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. يعني ملڪ جا صوبا ختم ڪيا ويا. چئن صوبن تي ٻڌل هاڻوڪي پاڪستان کي الڳ يونٽ ۽ تڏهوڪي بنگال صوبي کي الڳ يونٽ قرار ڏنو ويو. اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جو تصور ڏنو ويو. چئن صوبن کي ون يونٽ ڏيڻ سبب ملڪ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ جي حيثيت ختم ڪري ملڪ جي گاديءَ کي راولپنڊي منتقل ڪيو ويو. سنڌ جو هاڻوڪو گورنر هائوس تڏهوڪو ايوان صدر آهي. گورنر هائوس جي روڊ جو سرڪاري نالو اڄ به ايوان صدر روڊ آهي پر سنڌ جي راڄڌاني جي حيثيت 1957ع ۾ ختم ٿي، ان کانپوءِ محمد علي بوگره پاڻ به ڪو نه رهي سگهيو. 1958ع ۾ ملڪ جي صدر اسڪندر مرزا مارشل لا جو اعلان ڪيو ۽ فوج جي سربراهه جنرل ايوب مارشل لا کانپوءِ ملڪ جون واڳون سنڀاليون. جنرل ايوب 1958ع ۾ ملڪ جي راڄڌانيءَ کي راولپنڊي کڻي ويو. جنرل ايوب جي سڄي دور ۾ سنڌ اندر ون يونٽ خلاف تحريڪ جاري رهي. 1958ع تي لڳل پهرين مارشل لا درحقيقت ملڪ جون پاڙون ڪمزور ڪرڻ شروع ڪيون. ڇو ته پاڪستان جي عمر اڃا مشڪل سان 11 سال هئي جو 27 هين آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا لڳي. سنڌ ۾ اينٽي ون يونٽ تحريڪ هڪ منظم سياسي تحريڪ هئي، جنهن جي شروعات ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي هٽائڻ سان ٿي پر اها تحريڪ ان وقت تائين جاري رهي، جيستائين ون يونٽ ختم نه ٿيو. سنڌي شاگردن جي چار مارچ جي تحريڪ جي نالي سان سڃاپجندڙ هن تحريڪ ۾ يوسف ٽالپر، ڄام ساقي، يوسف لغاري سميت ڪيترائي نالا آهن جن کي چار مارچ جي تحريڪ جو هيرو سمجهيو ويندو آهي. جنرل ايوب جي مارشل لا جي خاتمي تائين اها تحريڪ جاري رهي ۽ نيٺ جنرل يحيٰ خان 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪري 1947ع وارا پراڻا صوبا بحال ڪيا. صوبا ته بحال ٿيا پر ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ئي رهيو. گاديءَ جو شهر اسلام آباد مان ڪراچي منتقل نه ٿي سگهيون. مون کي مرحوم پير پاڳاري جون پريس ڪانفرنسون ياد آهن. هو پنهنجي آخري ڏهاڙن تائين اهو چوندو رهيو ته سنڌ کي ملڪ جي گادي واپس ڏيو. هو چوندو هو ته ڪراچيءَ ۾ ايڏا مسئلا تڏهن کان شروع ٿيا جڏهن ڪراچيءَ جي راڄڌاني واري حيثيت ختم ٿي. سنڌ کي واپس گاديءَ جي حيثيت نه ملي. جنرل ايوب جي زماني کان سنڌ ۾ پٺاڻن جون آباد ڪرايل ڪالونيون وڌنديون رهيون. ڪراچيءَ ۾ جنرل ايوب جي پٽ گوهر ايوب باقاعده پٺاڻن کي وٺي آڻي آباد ڪيو. ڪراچي ۾ پٺاڻن جي آباديءَ سبب اترين علائقن مان به پٺاڻ ايندا رهيا ۽ جنرل ضياءَ دور ۾ انهن پٺاڻن جي هجڻ سبب افغانستان جي جنگ ۾ ڀڄي آيل افغان پناهگيرن کي سنڌ جو رستو مليو. جو ڪراچيءَ ۾ لکين افغان پناهگير آهن. ٽن نسلن کانپوءِ هاڻي اُهي افغاني به ڪراچيءَ جا شهري بڻجي چڪا آهن. ڪراچيءَ جي آبادي غير متوازن ٿي وئي. 1947ع ۾ مهاجرن جي آبادڪاريءَ سبب سنڌين جي هٿن مان نڪري ويل ڪراچي هاڻي اصل ۾ مهاجرن جي هٿن مان پڻ نڪري رهي آهي. ان ڪري ڪراچيءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو نعرو لڳو آهي. 1970ع ۾ ون يونٽ ته ختم ٿيو پر اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جو تصور ختم ڪو نه ٿيو. اولهه پاڪستان ۾ اوڀر پاڪستان خلاف بغاوت جي لهر جاري رهي، جنهن جو نتيجو 1971ع جي چونڊن ۾ ظاهر ٿيو ته عوامي ليگ جي شيخ مجيب الرحمان چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي پر پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اقتدار سندس حوالي ڪرڻ بدران سندس خلاف آپريشن جاري رکيو. نيٺ اولهه پاڪستان ڌار ٿي ويو. بنگلاديش ٺهي ويو. اهو نتيجو نڪتو ”ون يونٽ“ لاڳو ڪرڻ جو.

اڄ به جڏهن نون يونٽن جي ڳالهه ڪجي ٿي ته اهو ياد رکڻ گهرجي ته انتظامي يونٽ ته ون يونٽ به هو. ان ون يونٽ 16 سالن کانپوءِ پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهڙي سوچ جو هاڻي مطلب ڇا آهي پر ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار ٺهڻ کانپوءِ به اها سوچ جاري رهي. سنڌي ٻوليءَ جو بل جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو ته ان کي ”لساني بل“ سڏيو ويو. اُردو ڪا جنازه، سڏيو ويو پر ذوالفقار علي ڀُٽي 1973ع جي آئين ۾ صوبن جي سرحدن کي تحفظ ڏنو. 1973ع جي آئين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڪا به شق موجود ناهي. ان جي باوجود سنڌ جي ورهاڱي جي مطالبي جو سياسي مقصد ڀلا ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن ته کين خبر به آهي ته نئون صوبو نه ٿو ٺهي سگهي.