تازيون خبرون

Daily Archives: September 28, 2014

پريانڪا چوپڙا پاران عرفان کان پاسو ڇو، فلم ۾ گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار

ممبئي (شوبز نيوز) پريانڪا چوپڙا مبينه طور تي عرفان سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي هڪ اخبار ۾ ڇپيل خبر 7-Khoon-maafمطابق پريانڪا پهريان ته فلم گستاخيان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويئي ايتري قدر جو فلم سائن به ڪري ورتي پر جڏهن کيس خبر پئي ته فلم ۾ عرفان خان خاص ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته پريانڪا چوپڙا فلم مان نالو واپس وٺي ڇڏيو. اخبار مطابق پريانڪا فلم ۾ ڪوئي وڏو سپر اسٽار جي ڊمانڊ ڪري رهي هئي.

 

فلمن کان وڌيڪ ٽي وي ڊرامن کي وقت ڏئي رهيو آهيان: اداڪار جان ريمبو

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار جان ريمبو چيو آهي ته هن وقت فلمن کان وڌيڪ ٽي وي ڊرامن کي وقت ڏئي رهيو آهيان، هن چيو ته هو معياري فلم ۽ ڪردار جي ڳولا ۾ آهي، جڏهن به ڪا سٺي فلم ملي ته ان ۾ ضرور ڪم ڪندس.

 

ڪترينا ڪيف ۽ ريتڪ روشن جي فلم جي وڊيو رليز

ممبئي (شوبز نيوز) ڪترينا ڪيف ۽ ريتڪ روشن جي نئين ايڪشن سان ڀرپور فلم بينگ بينگ جي گاني تامل ۽ تلگو زبان ۾ وڊيو رليز ڪئي ويئي بالي ووڊ جي باربيڪيو ڪترينا ڪيف ۽ ڊانس جي ماسٽر ريتڪ روشن جي نئين فلم بينگ بينگ جا گانا تو ميري کان پوءِ ئين گاني مهربان جي به هندي زبان ۾ ويو رليز ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين مداحن لاءِ تامل ۽ تلگو زبان ۾ به وڊيو رليز ڪئي ويئي آهي. هي فلم 22 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

هاڻي به فلم انڊسٽري جي بقا لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکيون پيا اچون: سيد نور

لاهور (شوبز نيوز) فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين هدايتڪار ۽ رائيٽر سيد نور چيو آهي ته هاڻي به فلم انڊسٽري جي بقا لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکيون پيا اچون ۽ مون کي ان لاءِ ڪجهه مخلص دوستن جي سپورٽ به ميسر آهي جيڪڏهن فلم انڊسٽري ۾ ايس سلمان سان ملاقات نه ٿئي ها ته شايد اڄ مان ڪنهن آفيس ۾ ننڍڙي نوڪري ڪندو هجان ها. 1970 ۾ فلم انڊسٽري ۾ داخل ٿيس ۽ جاويد فاضل مرحوم جي ذريعي ايس سليمان سان ملاقات ٿي ۽ ان جي شاگردي قبول ڪئي.

 

ايشين گيمز: مردن جي ڪوڏي ڪوڏي ۾ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ اڄ بنگلاديش خلاف کيڏندو

انچيون (اسپورٽيس نيوز) ايشين گيمز ج45013-KabaddiPhotoAPP-1352138167-266-640x480ي مردن جي ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ اڄ سومر ڏينهن بنگلاديش خلاف کيڏندو، قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ ٿائلينڊ کي شڪست ڏئي چڪي آهي، مردن جي ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ اڄ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو، گروپ اي جي پهرين ميچ ۾ ڀارت ۽ ٿائيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جا رانديگر زور آزمائيندا. پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ ٿائلينڊ کي 30-51 تان شڪست ڏئي چڪو آهي، ايونٽ ۾ اڱاري ڏينهن وڌيڪ ٽي ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ ايران ۽ ڏکڻ ڪوريا جڏهن ته ٽئين ميچ جاپان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

ايشين گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ ٽيم ورق جو نتيجو آهي: ثنامير

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي وومين ٽيم جي ڪپتان ثنامير چيو آهي ته ايشين گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ ٽيم ورق جو نتيجو آهي برسات سبب ميچ هٿ مان نڪري ويئي هئي فيلڊرز ۽ بالرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. هڪ انٽرويو ۾ ثنامير چيو ته هو ٽيم لاءِ دعا ڪرڻ تي پوري قوم جو ٿورائتو آهي قومي وومين تيم جي ڪپتان ڪاميابي کي ٽيم ورق جو نتيجو ڪوٺيو ۽ چيو ته برسات سبب مئچ هٿ مان نڪري ويئي هئي فيلڊرز ۽ بالرن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري.

 

عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو

اسلام آباد (اسورٽس نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏکڻ آفريقا ۾ چوٿين عالمي بلائينڊ ڪپ لا3 16 رڪني ٽيم جي چونڊ ڪري ورتي آهي،جنهن جو باضابطه اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سيد سلطان شاهه اي پي پي کي ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ لاءِ جاري تربيتي ڪيمپ مان 16 باصلاحيت رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جو باضابطه اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، واضح رهي ته ورلڊ ڪپ 26 نومبر کان 8 ڊسمبر تائين ڏکڻ آفريقا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيو ويندو

 

ايشين گيمز مينز والي بال ايونٽ ۾ پاڪستان پلي آف ميچ ۾ ترڪمانستان کي هارائي ڇڏيو

انچيون (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ ڪوريا جي شهر انچيون ۾ جاري ايشين گيمز جي مينز والي بال ايونٽ ۾ پاڪستان پلي آف ميچ ۾ ترڪمانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي، کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم ترڪمانستان کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏني، قومي ٽيم جي ڪاميابي جو اسڪور 28-30، 23-25 ۽ 18-25 رهيو. پلي آف ۾ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ اڄ ميانمر ۾ کيڏندو.