تازيون خبرون

Daily Archives: September 26, 2014

شاهه رخ خان ايڪسرسائيز جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ wpid-hd-wallpapers-shahrukh-khan-3اسٽار شاهه رخ خان ريتڪ روشن جي چئلينج جو جواب ڏيندي پنهنجي ايڪسرسائيز جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، جنهن کي انٽرنيٽ تي تمام مشهوري ملي آهي. ريتڪ روشن شاهه رخ خان کي چئلينج ڪندي چيو هو ته هو پيٽ جا مسلز ٺاهڻ جي پنهنجي پسنديده ايڪسرسائيز جون تصويرون جاري ڪري، ڪنگ خان ان چئلينج کي سنجيدگيءَ سان ورتو ۽ تصوير ته ڇا سڄي وڊيو ئي جاري ڪري ڇڏي. وڊيو ۾ سندس ايٽ پيڪ ايبس به نظر اچي رهيا آهن. شاهه رخ پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”هيپي نيو ايئر“ لاءِ سخت محنت سان خوبصورت جسم ٺاهيو آهي جنهن کي هن پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏنو هو. وڊيو جي آخر ۾ هو ريتڪ روشن کي چوي ٿو ته مون هن وڊيو ذريعي چئلينج جو جواب ڏئي ڇڏيو.

 

گڏيل قومن جي پهرين مهم ۾ مان مردن ۽ عورتن جي برابريءَ لاءِ ڪم ڪنديس؛ ايما واٽسن

لاس اينجلس (شEmma-watson-as-hermione-granger-in-harry-potterوبز نيوز) مشهور اداڪارا ايما واٽسن گڏيل قومن ۾ عورتن جي حقن تي ڳالهائيندي چيو ته عورتن جي تحريڪ جو مطلب مردن سان نفرت ناهي. ايما واٽسن عورتن بابت گڏيل قومن ۾ عورتن جي ڀلائيءَ واريسفير آهي. ”هيري پوٽر“ فلم سيريز کان مشهوري ماڻيندڙ ايما واٽسن خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي پهرين مهم ۾ مان مردن ۽ عورتن جي برابريءَ لاءِ ڪم ڪنديس. اسان مردن ۽ ڇوڪرين جي وڏي انگ کي مهم ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جيئن هو ان مهم ۾ اسان جي مدد ڪن. ايما چيو ته منهنجي پوري پوري ڪوشش آهي ته ان مهم ۾ فرق نه پوي ۽ اهو فرق نظر نه اچي. هن چيو ته مان ڇهه مهينا اڳ گڏيل قومن ۾ عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ سفير مقرر ٿي هئس ۽ مان جيترو عورتن جي تحريڪ بابت ڳالهايان ٿي ايترو وڌيڪ مون کي خبر پئجي رهي آهي ته عورتن جي تحريڪ جي ڳالهه ٿئي ته ان کي مردن کان نفرت سمجھيو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙي سوچ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي

 

ايشين گيمز ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ملڪ لاءِ پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو

انچيون (اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين 124756ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي ايشين گيمز جي فائنل ۾ ۴ رنسن تان شڪست ڏئي نه صرف ڪامياب دفاع ڪيو پر ملڪ لاءِ ايونٽ جو پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. ڏکڻ ڪوريا جي شهر انچيون ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرره اوورن ۾ ۶ وڪيٽن جي نقصان تي 97 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان بسمعه معروف 24 رنسون ٺاهي نمايان رهي جڏهن ته نين عابدي 18، مرينه اقبال 14 ۽ ڪپتان ثنا مير ۽ ندا ڊار 10، 10 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش بيٽنگ شروع ڪئي ته برسات شروع ٿي جنهن کانپوءِ ميچ ۷ اوورن جو ڪيو ويو جنهن ۾ بنگلاديش ٽيم ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پاڪستان وومين ٽيم ميچ ۴ رنسن تان کٽي ورتو.

 

قومي جمناسٽڪ چيمپين شپ (اڄ) شروع ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جمناسٽڪ فيڊريشن جي انتظام هيٺ ٻن ڏينهن واري قومي جمناسٽڪ چيمپين شپ (اج) ڇنڇر کان لاهور ۾ شروع ٿيندي، پاڪستان جمناسٽڪ فيڊريشن جي چيئرپرسن روبينا فاروق ٻڌايو ته چيمپين شپ ۾ پنجاب، خيبر پختونخواهه، بلوچستان، سنڌ، پاڪستان آرمي،پاڪستان پوليس، پاڪستان ريلوي، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، واپڊا ۽ اسلام آباد جون ٽيمون حصو وٺنديون

 

قومي تائيڪو انڊوٽيم ايشين گيمز ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) ڏکڻ ڪوريا رواني ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم ايشين گيمز ۾ شرڪت لاءِ (اج) ڇنڇر تي ڏکڻ ڪوريا رواني ٿيندي، پاڪستان تائيڪو انڊو فيڊريشن جي صدر ڪرنل وسيم احمد جنجوعه ٻڌايو ته يشين گيمز ڏکڻ ڪوريا ۾ کيڏيون پيون وڃن، جڏهن ته گيمز ۾ تائيڪو انڊو جو ايونٽ 30 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر تائين کيڏيو ويندو، جنهن لاءِ 5 رانديگر ۽ 3 آفيشلز ويندا.

 

ايشين گيمز ۾ پاڪستاني عورتن واري ڪرڪيٽ ٽيم جي فائنل ۾ ڪاميابي تي گورنر سنڌ طرفان واڌايون

ڪراچي (اسپورٽس نيوز)سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي بنگلاديش جي خلاف شاندار ڪاميابي تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم انچيون ۾ جاري ايشين گيمز جي فائن ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عورت رانديگرن پنهنجي راند مان ثابت ڪيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪستان ۾ نه اچڻ جي باوجود پاڪستاني رانديگر پرجوش ۽ پرعزم آهن.

 

ورچوئل يونيورسٽي – ايجوڪيشن ٽيڪنالوجي ۾ سڀ کان اڳيان : قمر رياض

ورچوئل يونيورسٽي پاڪستان جي پهرين غير روايتي، ٽيڪنالوجي جي بنياد تي ڪم ڪرڻ واري انتهائي جديد يونيورسٽي آهي، جيڪا پاڪستاني سرڪار 2002ع ۾ قائم ڪئي. ورچوئل يونيورسٽي پوري مُلڪ جي بهترين فيڪلٽي جي ذريعي اعليٰ معيار، آسان رسائي ۽ گهٽ لاڳت جي ڪري عالمي معيار جي تعليم جي فراهمي سان پاڪستان ۾ تعليم جو معيار بلند ڪري رهي آهي. فيڊرل چارٽر جي حصول سان يونيورسٽي جي لاءِ ممڪن ٿيو ته اُها جديد تعليم، جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي جي ڪري ورچوئل جغرافيائي سرحدن کان مٿاهين ٿي، بهترين فيڪلٽي جي خدمتن جو فائدو ڏئي. جغرافيائي حدن کان قطع نظر سڀني شاگردن جي لاءِ هيڪڙائي کي ممڪن بڻايو. ورچوئل يونيورسٽي جو بنيادي مقصد پوري مُلڪ ۾ سڀني سماجي ۽ معاشي رڪاوٽن کي دور ڪندي مُلڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ بنا ڪنهن فرق جي معيار جي تعليم جي فراهمي سان پاڪستان ۾ تعليم جو معيار بلند ٿي رهيو آهي. هي نظام تعليم ويڊيو ليڪچرز ۽ انٽرنيٽ رابطي تي مشتمل آهي. ويڊيو ليڪچر يونيورسٽي جي پنهنجي ڊجيٽل اسٽوڊيوز ۾ ريڪارڊ ۽ نشر ڪيا ويندا آهن. ورچوئل يونيورسٽي مُلڪ جي واحد يونيورسٽي آهي، جنهن جا پنهنجا چار ٽي وي چئنل آهن. بهترين پروفيسرز ۽ ايڪسپرٽس جي ذريعي ورچوئل يونيورسٽي پنهنجي شاگردن جي لاءِ جديد ۽ معياري ڪورسز ترتيب ڏيندي آهي. هي ڪورسز جديد ترين ٽيڪنالاجي، سامان ۽ آرامده ماحول کي پيش نظر رکي ڪري خاص طور تي تيار ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاگردن جي صلاحيتن کي اُجاگر ڪرڻ  ۾ اُنهن جي صلاحيتن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ورچوئل يونيورسٽي ٽيليويزن، انٽرنيٽ، سي ڊيز جي ذريعي تعليم جي واڌاري ۾ مصروف آهي. اعليٰ معيار جا هي ليڪچر مُلڪ جي ٻين يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ ٽي وي نشريات جي ذريعي مفت دستياب آهن. جديد ٽيڪنالاجيز ۽ قومي انتظامي ڍانچي کي ڪم آڻيندي ورچوئل يونيورسٽي پوري مُلڪ جي خاص طور ٻهراڙي وارن علائقن جي شاگردن کي هڪ مثالي تعليمي ماحول فراهم ڪيو آهي. مُلڪ ۾ پهريون ڀيرو ڏورانهن علائقن سان تعلق رکڻ وارن شاگردن جي رسائي ماهر پروفيسرن تائين ممڪن ٿي، جيڪي پهرين صرف وڏن شهرن جي شاگردن تائين محدود هُئا. شروعاتي نتيجن مان هيءَ ڳالهه سامهون اچي ٿي ته اسان جي ٻهراڙين ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکڻ وارن شاگردن جي لڪل صلاحيت ۽ ذهانت هاڻ کُلي سامهون اچي رهي آهي. اُن سان مُلڪ جي معاشي حالتن جي بهتريءَ ۾ مدد ملندي. شاگرد گهر ۾ رهي يا ورچوئل ڪيمپسز جي ذريعي، جيڪي مُلڪ ۾ اڪثر جاين تي ڦهليل آهن، ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. اهي ڪيمپسز شاگردن کي اليڪٽرونيڪلي ليڪچرز، ڪمپيوٽرز ليبارٽريز تائين رسائي فراهم ڪن ٿا، نه صرف اهو بلڪه شاگرد پنهنجي استادن سان به رابطي ۾ رهن ٿا. انهن ڪيمپسز جو هڪ فائدو هي به آهي ته شاگرد پنهنجي ساٿين سان گڏ به رابطي ۾ رهندا آهن ته جيئن گروپ اسٽڊي ممڪن ٿي سگهي. ڪيمپسز جي وچ ۾ گڏيل مقابلن به تعليم جي جذبي ۽ ڪاميابي جي راهه هموار ڪئي آهي. ورچوئل يونيورسٽي ۾ ماليڪيولر بائيالوجي ليب جو قيام بائيو انفارميٽڪس جي شاگردن جي لاءِ اهم پيش رفت ثابت ٿيو آهي. ورچوئل يونيورسٽي هر شعبي ۾ تعليم ۽ سروسز جي فراهمي کي معياري ۽ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوالٽي انهانسمنٽ سيل قائم ڪيو آهي. جنهن ذريعي ماڻهن ۾ ورچوئل يونيورسٽي جي تعليم واري نظام ۽ ڊگرين جي حوالي سان اعتماد سازي جي قدمن، هر مضمون ۾ پڙهائي جي معيار تي مسلسل نظر، پروگرامز جي بهتري جي لاءِ تفصيل ۽ نون پروگرام جي منظوري جي طريقيڪار، شاگردن جو فيڊبيڪ، مضمون جي جائزي ۽ اداري جي ڪارڪردگي جو تعين ڪرڻ شامل آهي. هڪ تعليمي اداري جي طور تي ورچوئل يونيورسٽي جي خدمتن کي مُلڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي به ساراهيو ويو. ورچوئل يونيورسٽي ”نيٽ ورڪنگ ڊسٽنس لرننگ ٽيڪنالوجي انجنز فار ريسرچ“ ۽ ”اوپنيس اينڊ ڪوالٽي ان ايشين ڊسٽنس ايجوڪيشن“ تحت هڪ وڏي تعداد ۾ تعليمي ادارن جن جو تعلق، ڀوٽان، ڪمبوڊيا، سري لنڪا، انڊيا، انڊونيشيا، جاپان، لائوس، مليشيا، منگوليا، فلپائن، ٿائي لينڊ ۽ ويٽنام سان آهي، جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. انهن پراجيڪٽس ۾ رهنما وارو ڪردار نه صرف وي يو جي لاءِ بلڪه پاڪستان جي لاءِ به اعزاز جي ڳالهه آهي. اُن جي اوپن ڪورس وئير ويب سائٽ جي بين الاقوامي سطح تي پذيرائي ۽ اعزاز حاصل ڪرڻ ان ڳالهه جو دليل آهي. اُن کان علاوه ورچوئل يونيورسٽي پنهنجي ڪمپيوٽر پروفيشنسي لائسنس جي ذريعي پرانهن علائقن ۾ ڪمپيوٽر جي بنيادي تعليم فراهم ڪري رهي آهي، ته جيئن پاڪستان ۾ ٽيڪنالوجي جي حوالي سان علم جي حاصلات ۾ ايندڙ رُڪاوٽن کي دور ڪري سگهجي. وي يو MIT’s بلوسم انيشيٽيوئز جو به هڪ متحرڪ ميمبر آهي. بلوسم انيشيٽيوئز جو مقصد حساب ۽ جنرل سائنس جو تدريسي طريقو آسان بڻائڻ آهي. ميمبر آرگنائيزيشنز جو تعلق يو ايس اي، پاڪستان، لبنان ۽ جورڊن سان آهي. وي يو جا ڪيترائي گريجوئيٽ سول سروسز، سمنڊ پار ڊاڪٽريٽ ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي شاگردن مُلڪي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. ڪيترن ئي مُلڪي ۽ بين الاقوامي، نالي اُردن سافٽ ويئر هائوسز وي يو گريجوئيٽ جي خدمتن مان فائدو کڻي رهيا آهن. مٿي ڄاڻايل حقيقتن ورچوئل يونيورسٽي جي وڌندڙ اهميت ۽ مُلڪي ترقي جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو. نئين ڊگري پروگرامز متعارف ڪرائڻ سان ورچوئل يونيورسٽي مُلڪ جي معاشي ۽ سماجي فلاح ۽ بهبود ۾ نه صرف اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي،

بلڪه مُلڪي ۽ بين الاقوامي سطح جي يونيورسٽين سان معاهدن سبب جديد ۽ معياري تعليم جي راهه هموار ڪئي آهي. ورچوئل يونيورسٽي پوري مُلڪ جي سڀني شاگردن کي معياري تعليم جي فراهميءَ سان گڏ هڪ ئي سطح تي آڻڻ گهري ٿي ته جيئن اُهي به مُلڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. اُن اداري مختصر عرصي ۾ پاڻ کي جديد ۽ معياري تعليم جي فراهمي جي لاءِ هڪ مستند اداري طور مڃرايو آهي. مُلڪ جي 95 شهرن ۾ 200 ڪيمپسز جو قيام ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. هر نئين سمسٽر ۾ شاگردن جو وڌندڙ انگ، ان جي ڪاميابيءَ جو روشن دليل آهي ته يقينن ورچوئل يونيورسٽي مُلڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ علم جي شمع سان جهالت جي انڌيرن کي مات ڏيڻ چاهي ٿي.

************************

 

 

نون صوبن جو ڪارڊ يا شوشو؟ : حسن مجتبيٰ

سنڌ ۾ نئين صوبي وارو مطالبو، پراڻن سنڌين جي لاءِ ائين آهي، جيئن ڪنهن ماءُ جي لاءِ ان جي ٻچي کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ جي ڌمڪي. پر ان جي باوجود انهيءَ مطالبي جو پڙاڏو رکي رکي ڪري گذريل ڪيتري ئي وقت ۽ ڏهاڪن کان ٻڌو پيو وڃي ۽ هاڻي سنڌ کي پنهنجي ماءُ چوڻ جي باوجود متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين هڪ دفعو ٻيهر اها ڳالهه ورجائي، سنڌ جي خاموش پاڻي ۾ هڪ سونامي جهڙي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي. مڃون ٿا ته نون سنڌين (يا اردو ڳالهائيندڙ سنڌين) سان زيادتين يا ناانصافين جا سلسلا ۽ تعريف پنهنجي جاءِ تي پر ان جي تلافي جي لاءِ ان جي پهرين ئي نازڪ آشياني کي ڪٽي ڇڏڻ يا ورهاست انهن کي وڌيڪ نسل در نسل مصيبتن ۾ وجهڻ جي برابر ٿيندي. ڇو ته صوبو ته سنڌين وانگر اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي پيرن هيٺيان هڪ ڌرتي جي صورت ۾ گذريل 68 سالن کان آهي جنهن جي مٽيءُ سان سنڌين وانگي انهن جو جيئڻ مرڻ به آهي. پوءِ ان جي باوجود اڃان تائين نه غريب ۽ نادار پراڻن سنڌين جي زندگين ۾ ڪا خوشحالي ۽ ترقي اچي سگهي آهي ته نون سنڌين جي زندگين ۾ ڪهڙي تبديلي اچي سگهندي؟ اصل شيءِ نظام جي تبديلي ۽ اسٽيٽسڪو کان جان ڇڏائڻ جي آهي. جنهن جي ذريعي گذريل 68 سال کان سنڌ جو سنڌي هجي يا اردو ڳالهائيندڙ سنڌي يا ٻي ڪائي ڪميونٽي، نيم غلامي ۽ بيٺڪيت جهڙيون زندگيون گذاري رهيا آهن.

ڪڏهن وڏيري ۽ مڊل ڪلاس سياسي گينگيسٽر ان تي سنڌيت جي نالي تي راڄ ڪندا آهن ته ڪڏهن شهري وڏيرا ۽ هٿياربند ٽولا مهاجريت جي نالي تي ته ڪڏهن ملان ۽ جنرل اسلام، پاڪستان جي نالي تي ته ڪڏهن سول ڊڪٽيٽر سياستدان جمهوريت ۽ سوشلزم جي نالي تي. ۽ پوءِ انهيءَ اسٽيٽسڪو کي ۽ پراڻي نظام کي بچائڻ جي واسطي سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي وڙهايو ويندو رهيو آهي انهن جي وچ ۾ ٿيڻ واريون خونريزيون، شايد ڏکڻ ايشيا ۾ نسلي قتل ۽ غارت گيري جي حوالن سان اڳوڻي اوڀر يورپ ۽ روس کانپوءِ سڀ کان وڏيون خونريزيون سڏيون ويون پوءِ به تاريخ جو معجزو هي آهي ته 5 هزار سالن کان سنڌ ورهائجي ۽ تابع نه ٿي سگهي. بلڪل اهڙي نموني جهڙي نموني سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز چيو هو:

”آيا ويا سڪندر سيوهڻ مگر اُتي آ.“

ڪيترائي ساساني، توراني، يوناني، عرب، مغل، ترخان، انگريز ۽ ديسي آقا آيا پر سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو اتي انهيءَ جاءِ تي آهن. هن مٽي ۽ سنڌوءَ جي پاڻي ۾ شايد ئي اهڙي تاثير آهي، جيئن اتر پاڪستان جا ماڻهو ڪراچي لاءِ چوندا آهن ته هن جي سمنڊ جي پاڻي ۾ شايد ڪا اهڙي شيءِ آهي جو جيڪو هڪ دفعو اتي ويندو آهي، انهيءَ جو ٿي ويندو آهي.

مان اڳ ۾ ئي پنهنجي گذريل ڪالم ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته سنڌي پنهنجي صوبي کي هڪ انتظامي وفاقي يونٽ کان وڌيڪ مادر وطن جو درجو ڏيندا آهن. انگريزن جي چارلس نيپئر جي هٿان فتح ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌ هڪ ڌار ملڪ جهڙي حيثيت رکندي هئي. جنهن کي انگريز حڪمرانن انتظامي طرح ممبئي صوبي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. سنڌي بزرگ سياستدانن جنهن کي ٻيهر هڪ آزاد خودمختيار صوبو تسليم ڪرائڻ ۽ بمبئي جي غلامي کان آزادي ڏيارڻ جي لاءِ اڌ صدي تائين حيرت انگيز طور تي ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي جي اندر چاهي بمبئي ايل اي جي ٻاهر مسلسل جدوجهد ڪئي. آخرڪار 36-1935ع ۾ سنڌ کي الڳ صوبي جي حيثيت ڏياري. سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي جدوجهد ۾ سر شاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جا نالا هميشه سونهري اکرن ۾ لکيا ويندا. هي ٻي ڳالهه آهي ته کهڙو صاحب ون يونٽ ۾ ڪردار جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ ۾ ولين جي حيثيت سان ياد رکيو ويندو. نه ته هي اهو ئي کهڙو هو، جيڪو سنڌ جي هڪ سخت وڏي وزير جي حيثيت ۾ ورهاڱي جي وقت سنڌ جي قديم رهاڪن جي جانين ۽ مال ملڪيت تي حملن جي وقت پاڻ هٿ ۾ پستول کڻي نڪري پيو هو ۽ پوءِ ڪراچيءَ کي وفاقي انتظاميه ۾ ڏيڻ جي خلاف نه فقط پنهنجي وڏ وزارت قربان ڪئي پر هڪ وڏي وقت تائين عتاب جو شڪار به رهيو. پوءِ اهو کهڙو پاڪستان جي اصلي ۽ وڏي چوڌرين سنڌ تي ون يونٽ جو لعنتي نظام قائم ڪرڻ جو ڪم کڻي تاريخ ۾ اڪثر سنڌين جي نظر ۾ هميشه لعنتي ۽ ملعون قرار ڏنو ويو. انهيءَ تي مون کي ڪيترن سياسي منچلن جي مذاق ۾ ڪيل ڳالهه ياد پئي اچي ته سنڌ جي آزادي جي دفاع جي جنگ صرف 6 ڪلاڪ (فيبروري 1942ع سنڌ تي انگريزن جي حملي خلاف ٽالپرن جي فوج جي مزاحمت) ۽ سنڌ جي سياسي مزاحمت صرف 3 ڏينهن (بينظير ڀٽو جي قتل جي خلاف) هلي هئي پر ٽالپرن جي فوج جي جنرل هوش محمد شيدي جو جنگ جي ميدان ۾ بلند ڪيل نعرو ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ تاريخ ۾ اڄ تائين زنده آهي جنهن کي هاڻي ٽوئيٽ بادشاهه بلاول ڀٽو پنهنجي ابا جي سياسي غلطين کي سڌي ڪرڻ جي لاءِ بلند ڪندو رهندو آهي يا ٽوئيٽ ڪندو رهندو آهي. ون يونٽ جي خلاف سنڌي دانشورن، شاگردن، سياسي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهو وڏي وقت تائين جدوجهد ۾ رهيا ۽ ان کي ٽوڙي ڪري ئي سک جو ساهه کنيو. پر هي عجيب افسوسناڪ ڳالهه آهي ته نون سنڌين سواءِ هڪ درجن ماڻهن کي ڇڏي اسلام آباد يا مرڪزي حڪومت سان ئي پنهنجي اتحاد ۾ پنهنجي خيريت سمجهي. نون ۽ پراڻن سنڌين کي ويڙهائڻ جي لاءِ ڇا ڇا نه جتن ۽ سازشون ڪيون ويون، ٻنهي پاسن کان انهن جا ڪوڙا همدرد ۽ انهن جي حقن جا چيمپين پيدا ڪيا ويا. مياڻي جي ميدان ۾ انگريزن جي هٿان بهادري سان وڙهندڙ هوش محمد شيدي جي قبر کي سنڌ جي هڪ بيوروڪريٽ ۽ نام نهاد سنڌي پرست، پڪي قلعي جي اندر ڳڻايو ته جيئن ٻنهي آبادين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي.

هوشو جي قبر جو پٿر پڪي قلعي ۾ رات وچ ۾ نصب ڪرايو ويو. جلوس ۽ لانگ مارچ ڪڍيا ويا. ٻئي طرف ڪراچي صوبا تحريڪ يا اردو پرديش جا نعرا به رکي رکي بلند ٿيندا رهيا. ڪڏهن ان جي چيمپين شپ جي اڳواڻي امير حيدر ڪاظمي ڪئي ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي. ڪڏهن سنڌي ٻولي جو بل بي وقت جي راڳڻي جي طور تي ڀٽي جي اقتدار کي دائميت ڏيڻ جي لاءِ پيش ڪيو ويو ته ڪڏهن (اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي) جهڙن نظمن سان سنڌ ۾ باهه ٻاري وئي ۽ ان سان ڏهه سرن واري سنڌ جي وڏيري حڪمران نئين سنڌي قومپرستي کڻي ميدان ۾ لٿو. هاڻي اهو ڏهه سرن وارو وڏيرو ڪٿي بيٺو آهي! پي ايم ايل اين ۾. اهي جيڪي ڪڏهن وڏا سنڌو ديشي سڏبا هئا! هاڻي هي راز کليو آهي ته ڀٽي جيڪڏهن سنڌي اردو جهڳڙن سان پنهنجي حڪمرانيءَ جا 5 سال ڪڍيا ته ضياءُ الحق پنهنجي آمريت جا 11 سال. باقي سڀ تاريخ آهي.

پر انهيءَ ڇڪتاڻ سان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جون نسلون تباهه ٿي ويون. جنازه کنيا ويا. ايتري تائين جو اسپتالون ۽ قبرستان ورهائجي ويا. محرم ۽ مجلسون به. هاڻي ورهائڻ جي لاءِ ڇا رهيو آهي. شاديون ٽٽيون، طلاقون ٿي ويون، هٿيارن جون مافيائون ۽ لينڊ مافيائون خوشحال ٿي ويون. نيون دولتمند سياسي مافيائون وجود ۾ اچي ويون. وڃو وڃي جائزو وٺو ته سنڌ ۾ لساني جهڳڙن کان اڳ ۾ انهن اڳواڻن وٽ ڇا هو ۽ هاڻي ڪهڙيون ڪهڙيون ملڪيتون ۽ بئنڪ بلينس آهي. (هاڻي مان اها گهڙي پائيندو آهيان، جيڪا نواز شريف پائيندو آهي ۽ هاڻي مان اهو چشمو پائيندو آهيان، جيڪو آصف زرداري پائيندو آهي) ڪنهن قومپرست سنڌي ليڊر پنهنجي ننڍپڻ جي دوست سان اهڙيون ڳالهيون ڪيون.

ڪوئي هوسڙي جي ڳوٺ ۾ رهڻ واري شبراتي کان پڇي ته محرابپور جي رمضاني کان ته جهمپير جي علي ڪالوني جي شبير رضوي کان ته هڪ رات گهر کان ٻاهر ڪراچي ۾ هن جي ڪيئن گذرندي آهي. هوسڙي جون هوائون، محرابپور ۽ جهڏي جون راتيون ۽ جهمپير جون شامون ڇا آهن. ڇا هاڻي اهي سڀ ورهائجي سگهجن ٿا. ڇا هاڻي هن عمر ۾ ٻيون هجرتون ٿي سگهن ٿيون. ڇا هڪ قاسم آباد ڪافي ناهي. سنڌين جو حال ته حضرت علي وٽ آيل اُن عورت جهڙو آهي، جيڪا ٻار جي حقيقي ماءُ هئي. وري اها ئي ساڳي ڳالهه ته سنڌ جي ورهاست کي دنيا جي ڪائي به طاقت روڪي نه ٿي سگهي، سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي پاڻ ۾ ايڪي ۽ اتحاد کانسواءِ.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان

*********

 

پاڪستان اليڪشن ڪميشن عام چونڊن متعلق رپورٽ کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

پاڪستان اليڪشن ڪميشن عام چونڊن متعلق رپورٽ کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته آهي ته عام چونڊن جي رپورٽ چونڊ سڌارن واري ڪميٽي کي ڏني وئي آهي ۽ ڌانڌلي متعلق ڪا به رپورٽ جاري ناهي ڪئي وئي ۽ ويب سائيٽ تي پيل رپورٽ سان اسان جو ڪو تعلق نه آهي.

پاڪستان اليڪشن ڪميشن طرفان سال 2013ع وارين عام چونڊن متعلق رپورٽ کان لاتعلقي ملڪ اندر موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ڪجهه نوان سوال پيدا ڪري رهي آهي، سڀ کان اڳ اهو ڏٺو وڃي ته  اليڪشن ڪميشن جي نالي سان اها رپورٽ ويب سائيٽ تي پهتي ڪيئن؟لازمي طور اها رپورٽ هڪ اهم سرڪاري اداري جي ويب سائيٽ تي جاري ٿيڻ بذات خود هڪ سواله نشان آهي، ان ڪري فقط جاري ٿيل رپورٽ کان لاتعلقي ظاهر ڪرڻ سان عام ماڻهن کي مطمئن نٿو ڪري سگهجي، بلڪه رپورٽ جاري ڪندڙن جو به تعين ٿيڻ گهرجي.جيستائين ملڪ ۾ اليڪشن ذريعي ووٽ جي تقدس جو سوال آهي، ان بابت به اٿندڙ اعتراضن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ڇو ته پاڪستان اندر جمهوري عمل جي ابتدائي ٻوٽي کي جيڪڏهن متنازعه بڻايو ويو ته ماڻهن جو ان سسٽم تان ئي اعتماد ختم ٿي ويندو. 2013ع جي چونڊن دوران بي ضابطگيون ٿيون آهن يا ڌانڌلي ان جو فيصلو به انهن ادارن کي ئي ڪرڻو پوندو، جن جي ذريعي ماڻهن ووٽ وڌا آهن. 2013ع جي چونڊن دوران ماضي جي ڀيٽ ۾ هر  طبقي جي ماڻهن پولنگ واري عمل ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي، ان ڪري نه رڳو چونڊ عمل کي ڌانڌلي قرار ڏيندڙ ڌرين کي ٻڌو وڃي پر ان سان گڏ ملڪ جي سمورن حصن ۾ عوام جي مينڊينٽ کي چورائيندڙن جي به نشاندهي ٿيڻ گهرجي ته جيئن آئنده لاءِ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ رستو هموار ٿي سگهي. اليڪشن ڪميشن هڪ خود مختيار ادارو آهي ۽ ملڪي آئين ان کي فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي، ان ڪري ٻين ادارن تي مداخلت جا الزام هاڻي”نانگ نڪرڻ  ۽ ليڪو ڪٽڻ“ واري پهاڪي وانگر آهي. حالانڪه جيڪڏهن واقعي آر اوز جو تقرر اليڪشن ڪميشن جي مرضي سان ٿئي ها ته 2013ع جي اليڪشن تي هرگز  ايترا سواليه نشان نه لڳن ها ڇو ته جيڪي آفيسر اليڪشن ڪميشن آڏو جوابده هجن ها ته اهي ڪا به مبينه بي ضابطگي نه ڪري سگهن ها. بهرحال اڃا به وقت نه ويو آهي، اليڪشن واري عمل مان بي ضابطگين جو خاتمو آڻڻ لاءِ نه فقط قانونسازي ڪرائي وڃِي پر گڏوگڏ انهن قانونن تي سختي سان عمل ڪرڻ کي به يقيني بڻايو وڃي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪجهه حالتن ۾ عام ووٽر پنهنجو ووٽ مرضي سان استعمال نٿو ڪري سگهي  ۽ ڪنهن نه ڪنهن طاقت جبر يا اثر رسوخ سبب ووٽ جو حق پنهنجي ضمير جي ابتڙ استعمال ڪري ٿو، ان ڪري ان بابت به سخت قانون رائج ٿيڻ گهرجن ته جيئن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت رائج  ٿي سگهي ۽ ملڪ جا حڪمران عوام جا حقيقي نمائندا هجن جيڪي سندن ڏکن، اهنجن ۽ مسئلن کي سمجهي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن.