تازيون خبرون

Daily Archives: September 25, 2014

ڌرڻن جو روح پرواز ڪري ويو، هاڻي جسم پيل آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته طاهرالقادري جهيڙي جهٽي جي ذهنيت جو مالڪ آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي حڪومت ڌرڻن جي معاملي تي رحم کان ڪم ورتو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه جي حڪومت جي خلاف اڇو چٺو پڌرو ڪرڻ جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وزير چيو ته ڌرڻن جو روح پرواز ڪري ويو آهي هاڻي جسم پيل آهي. ڌرڻن سان ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ملڪ هن وقت حالت جنگ ۾ آهي ان وقت اهڙا شوشا نقصانڪار آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ کي گهرجي ته هو ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڳتي اچن، معاملان ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿا ڌرڻن سان ڪجهه به نه ٿيندو. حڪومت ملڪي بحرانن کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي، جلد بحرانن تي ڪنٽرول ڪيو ويندو.

 

مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، سنڌ اسيمبلي ۾ صوبي جي ورهاست خلاف قرارداد اتفاق راءِ سان منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي صوبي جي ورهاست ۽ نون انتظامي يونٽن جي قيام خلاف قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي سربراهي ۾ شروع ٿيو ته بدنظمي جي ور چڙهيپ ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شهريار مهر سيٽون الاٽ نه ٿيڻ تي احتجاج ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اڃا سيٽن جي تصديق ناهي ڪئي وئي اهو اسپيڪر جو صوابديدي اختيار آهي جنهن تي شهريار مهر چيو ته  ڊپٽي اسپيڪر ايوان کي آمر وانگي هلائي رهي آهي، ان دوران شرجيل ميمڻ ۽ شهريار مهر وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي. ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته اسپيڪر کي ڪو ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي جيڪو ايئن ڪرڻ چاهي ٿو اهو ايوان کان ٻاهر هليو وڃي. ڪارروائي شروع ٿي ته مخالف ڌر طرفان سنڌ جي ورهاست خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي اجازت نه ملڻ تي مخالف ڌر اڳواڻ شهريار مهر ۽ ميمبرن اسيمبلي اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو. اپوزيشن جي واڪ آئوٽ ڪرڻ سان گڏ پيپلزپارٽي جي  سهيل انور سيال سنڌ جي ورهاست ۽ نون انتظامي يونٽن جي قيام خلاف قرارداد پيش ڪئي جنهن تي اسيمبلي ميمبرن اپيل ڪئي ته اهي قرارداد کي الڳ الڳ پڙهڻ چاهين ٿا پرپوءِ ڊپٽي اسپيڪر سڀني ميمبرن کي گڏجي قرارداد جو متن پڙهڻ جي اجازت ڏني جنهن کانپوءِ سڪندر مينڌرو جي قيادت ۾ ايوان ۾ موجود سڀني ميمبرن گڏجي قرارداد پڙهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ صدين کان هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، آئين تحت نون صوبن جو قيام پارليامينٽ جو اختيار آهن جنهن لاءِ پارليامينٽ جي ۲ ڀاڱي ۳ ميمبرن جي منظوري ضروري آهي، قرارداد جو متن مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي جملي تي ختم ٿيو.

 

عمران خان جي ڌرڻن ۾ اسرائيلي رپيو خرچ ٿي رهيو آهي، مقصد ملڪ ۾ جمهوريت جو خاتمو ڪرڻ آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جي ڌرڻن ۾ اسرائيلي رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ ان جو مقصد ملڪ ۾ جمهوريت جو خاتمو ڪرڻ آهي اسان کي ڪوئي نئون پاڪستان نه پر قائداعظم، آئين جي موجد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شهيد جمهوريت محترمه شهيد بينظير ڀٽو وارو پاڪستان گهرجي آڱرين کي ريفرنڊم کي ووٽ ڏيڻ ۽ رستن تي ناچ گانا ڳا.ئيندڙن جو پاڪستان اسان نٿا چاهيون سياست ۾ مخالفت ضرور ٿيندي آهي پر دشمنيون ناهن ٿينديون عمران خان پيپلزپارٽي سميت سمورين سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي حوالي سان پنهنجي زبان کي لغام ڏي ٻي صورت ۾ عوام کي به ان جو جواب ڏيڻ ايندو آهي هو خميس تي سنڌ اسيمبلي ۾ بيان ڏيئي رهيو هو شرجيل ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان جلسو ۽ پنهنجي جوشيلي خطاب ۾ جهڙي طرح بداخلاقي ۽ ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي ان جي نه صرف ڀرپور مذمت ڪيان ٿو هن چيو ته عمران خان سياست ۾ بدتميزي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي عوام ان جي اهڙي قسم جي وڌيڪ بداخلاقين کي برداشت نه ڪندو شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پاران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي پنجاب جي دوري ۾ سيڪيورٽِ تي ساڍا ست سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي مقرري جي الزام کي رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن عمران خان ثابت ڪري ته ايڏي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار هئا ته هو سياست ڇڏي ڏيندو هن چيو ته بلاول ڀٽو هن ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جو اڳواڻ آهي ۽ سندس دوري جي موقعي تي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻ ان سان گڏ هئا ۽ اهي سڀ پنهنجي ذاتي گاڏين ۾ هئا.

 

داعش جي خلاف بين الاقوامي برادري سان گڏ آهيون: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان چيو آهي ته ان دهشتگردن خلاف واضح پاليسي جوڙي آهي ۽ دهشتگردن خلاف فوجي آپريشن بنا ڪنهن متڀيد جي جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تسنيم اسلم خميس ڏينهن پنهنجي هفتيوار پريس بريفننگ ۾ چيو ته  دهشتگردن خلاف پاڪستان جو آپريشن  سڀني دهشتگردن خلاف آهي. امريڪا جي تازي ڊرون حملي جي مذمت ڪندي پرڏيهي ترجمان ان کي غير قانوني قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ اربع تي ٿيل ٿيل ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي ملڪ جي سلامتي ۽ خود مختياري جي خلاف ورزي قرار ڏئي ٿو.   هن چيو ته پاڪستان اهو پڻ يقين رکي ٿو ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف فيصلائتي قدم کڻڻ بعد ڊرون حملن جي ڪا ضرورت ناهي تنهن ڪري اسان اهڙن حملن کي  بند ڪرڻ تي زور ڀريون ٿا. هڪ سوال  جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سندس ڀارتي هم منصب نريندرا مودي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات جي تاريخ  اڃا مقرر ناهي ڪئي وئي. هڪ ٻي سوال جو جواب ڏيندي تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي سان چيني صدر جي پاڪستان جي دوري بابت رابطي ۾ آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف هن وقت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 69 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ  نيو يارڪ ۾ آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ  ڄمون ۽ ڪشمير جي اهم تڪرار سميت سمورن مسئلن کي ڳالهين وسيلي نبيرڻ  چاهي ٿو. هن واضح ڪيو ته ڀارت طرفان پرڏيهي سيڪريٽرين جي وچ ۾ رٿيل ڳالهيون پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جي حريت اڳواڻن سان ٿيل ملاقات جي پس منظر  ۾ ملتوي ڪيون ويون آهن ، ڳالهيون اسان ملتوي نه ڪيون آهن ۽ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جو دارومدار ڀارت تي آهي. افغانستان جي عهدو ڇڏيندڙ صدر حامد ڪرزئي طرفان پاڪستان خلاف هنيل الزامن  بابت هڪ سوال تي ترجمان چيو ته  پاڪستان ۽ افغانستان ساڳين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن  جن کي گڏيل ڳالهن وسيلي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

 

اسان جو ڪم فتويٰ ڏيڻ ناهي، حق جي ڳالهه ڪنداسين: سياسي جرڳو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف، عوامي تحريڪ ۽ حڪومت وچ ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندڙ سياسي جرڳي واضح ڪيو آهي ته اسان جو ڪم ڪنهن جي خلاف فتويٰ ڏيڻ نه آهي حق جي ڳالهه ڪنداسين صرف مسئلي جو حل چاهيون ٿا ٽنهي ڌرين ڳالهين جي خواهش ڏيکاري اهي ته سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون افغانستان ۾ سياسي بحران حل ٿي سگهي ٿو ته اسان وٽ ڇو نٿو حل ٿي سگهي ٽئي پارٽيون ٿڌي دماغ سان معاملن تي غور ڪن پنهنجا رويا سياسي ۽ جمهوري بنائڻا پوندا اسپڪر قومي اسيمبلي تحريڪ انصاف جون استعيفائون جلد منظور نه ڪري خميس تي سياسي جرڳي جو اجلاس سينيٽر رحمان ملڪ جي گهر ۾ ٿيو جنهن ۾ موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون اجلاس کان پوءِ اڳواڻ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الهق چيو ته جرڳي ۾ مختلف پارٽين جا ماڻهو شامل آهن ۽ سڀني دوستن گڏجي هن مسئلي جو حل سوچيو آهي حڪومت تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ وچ ۾ ڊيڊ لاڪ سخت آهي اهو ختم ڪرڻ لاءِ ٻيهر ڪوششون ڪري رهيا آهيون اسان جو ڪم ڪنهن جي خلاف فتويٰ ڏيڻ يا حق ۾ ڳالهه ڪرڻ نه آهي اسان مسئلي جو حل چاهيون ٿا هن چيو ته اسان معاملي کي قومي فرض طور نڀائيندا پيا اچون جرڳي جو ڪم ڊيڊ لاڪ کي ختم ڪرڻ آهي جيڪڏهن ٽنهي ڳالهين ۾ خواهش ظاهر ڪئي ته اسان سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون سراج الحق چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ ڳالهيون ڪري سياسي بحران حل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ هتي ڇو نه هن چيو ته هن وقت پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي آءِ ڊي پيز جو معاملو اڃا حل نه ٿيو هو ڪراچي ۾ هاڻي مسئلا پيدا ٿي ويا آهن هن چيو ته حالتن جي گهرج آهي ته ٽئي پارٽيون ٿڌي دماغ سان معاملن تي غور ڪن اسان کي پنهنجا رويا بهتر ۽ جمهوري ڪرڻا پوندا ۽ سياست جو انداز به تبديل ڪرڻو پوندو. سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون اهو ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ آهي هن وقت ملڪ ڊپريشن ۾ آهي ٽنهي جماعتن وچ ۾ جيڪو ڊيڊ لاڪ آهي اسان درخواست ڪنداسين ته اهو ڊيڊ لاڪ ختم ڪري ڳالهيون جو رستو اختيار ڪيو وڃي هن چيو ته ڌرڻن جي ڪري ملڪ ۾ هر قسم جو نقصان ٿي رهيو آهي رستا بند آهن ماڻهو سخت پريشان آهن.

 

اداڪار ششي ڪپور جي حالت خطري کان ٻاهر ، جلد اسپتال مان فارغ ٿي ويندو

ShashiKapoorممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار ششي ڪپور جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، هو جلد اسپتال مان فارغ ٿي ويندو. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ششي ڪپور جنهن کي سيني ۾ سور سبب 21 سيپٽمبر تي اسپتال آندو ويو هو، جي حالت بهتر ٿي وئي آهي. کيس هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسپتال کان گهر منتقل ڪيو ويندو. ان ڳالهه جي تصديق سندس پٽ ڪنال ڪپور پنهنجي بيان ۾ ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جي والد جي حالت ّخطري کان ٻاهر آهي. ششي ڪپور ڪيترين ئي ڀارتي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن جن ۾ جب جب پهول کهلي،حسينه مان جائيگي، سلسله، ڪبهي ڪبهي، ڪالا پٿر شان،، ترشول، سهاگ ۽ بي زبان شامل آهن

فلم اسٽار زيبا بخيار جي فلم آپريشن 021 عيدالضحيٰ تي رليز ٿيندي

لاهور (شوبزzeb0a نيوز) فلم اسٽار زيبا بختياري جي ذاتي فلم آپريشن 021 جي نمائش قرباني واري عيد تي ٿيندي ان سلسلي ۾ فلم جي ايڊيٽنگ ڊبنگ ۽ سينسر پرنٽ ڪڍڻ جون تياريون تيزي سان جاري آهن فلم ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار شان ادا ڪيو آهي هن فلم جي ڪاميابي لاءِ فلمي حلقن جي اڪثريت پراميد آهي.

ڀارتي اداڪاره سونم ڪپور ايندڙ فلم ۾ شهزادي بڻجندي

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪاره سونم ڪپور نئين فلم ۾ شهزادي جو ڪردار ادا ڪندي بالي ووڊ جي مشهور فلم دي پرنس ڊائري جو هندي ري ميڪ ٺاهيو پيو وڇي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار لاءِ سونم ڪپور کي ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي هالي ووڊ فلم ۾ شهزادي جو ڪردار اداڪاره اين هيٿ وي ادا ڪيو آهي.

گلوڪار استاد صادق علي مانڊو مرحوم جي 15هين ورسي جي موقعي تي الحمرا ۾ محفل موسيقي منعقد

لاهور (شوبز نيوز) ڪلاسيڪل گلوڪار استاد صادق علي مانڊو مرحوم جي 15هين ورسي جي موقعي تي الحمرا ۾ محفل موسيقي منعقد ڪئي وئي، اها تقريب پاڪستان ڪلاسيڪل ميوزڪ ڪلڊ جي اهتمام هيٺ استاد غلام حيدر جنرل گلڊ منعقد ڪئي، محفل جي ميزباني ريڊيو پاڪستان لاهور جي ڪمپيئر اصغر زيدي ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي گلوڪار فهيم مظهر، ابوبڪر فياض، محمد اختر علي خان، اعجاز قيصر، راشد علي خان، ظفر علي قادري، غلام صابر خان، غلام عباس، سليم بزمي ۽ ٻين پرفارم ڪيو

پاڪستان 17 ايشين گيمز ويمن ڪرڪيٽ ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ چين کي آئوٽ ڪلاس ڪري فائنل ۾ پهچي ويو

Born-in-Pakistan1-640x480انچيون (اسپورٽس نيوز) ندا ڊار جي بهترين بالنگ سبب دفاعي چيمپين پاڪستان جي ويمن ٽيم 17هين ايشين گيمز ويمن ڪرڪيٽ ايونٽ جي فائنل ۾ پهچي وئي، گرين شرٽس جي بالرن سيمي فائنل ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي چين کي آئوٽ ڪلاس ڪري 9 وڪيٽن تان شڪست ڏني، پاڪستاني ٽيم جي سامهون چين جي ٽيم بي وس نظر آئي، چين جي ڪا به رانديگرياڻي پاڪستاني بالنگ جي اڳيان ڄمي نه سگهي، پاڪستاني ندا ڊار 4 رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو، چين جي ٽيم اڳ ۾ کيڏندي 19هين اوور تي 37 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم گهربل اسڪور 8 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪيو، اهڙي طرح پاڪستان يج ٽيم سيمي فائنل ۾ چين کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي.