تازيون خبرون

Daily Archives: September 24, 2014

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف ون ڊي، ٽي-20 ،يو اي اي خلاف ون ڊي سيريز لاءِ قومي اي ٽيم جو اعلان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪر813f461a-00d1-45f3-85b7-eef64d17dbb9HiResڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف ون ڊي ۽ ٽي-20 لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جڏهن ته آسٽريليا خلاف چئن ڏينهن واري ۽ يو اي اي خلاف ون ڊي سيريز لاءِ قومي اي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو. ون ڊي ٽيم مان يونس خان، شرجيل خان، محمد طلحه، سعيد اجمل ۽ ذوالفقار بابر آئوٽ جڏهن ته عمر امين، اسد شفيق، محمد عرفان، رضا حسن ۽ سهيل تنوير جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب، ٽي-20 ٽيم ۾ اويس ضياءِ، سعد نسيم، رضا حسن، محمد عرفان، عمر امين، انور علي ۽ وهاب رياض جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب جڏهن ته عمر گل، سعيد اجمل، شعيب ملڪ، جنيد خان، محمد طلحه، ڪامران اڪمل آئوٽ. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چئن مختلف ٽيمن جو اعلان ڪندي قومي چيف سليڪٽر مينيجر معين خان ٻڌايو ته آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچن لاءِ ٽيم جو اعلان ٻئين ون ڊي ميچ کان پوءِ ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته آسٽريليا خلاف 15 رڪني ون ڊي ٽيم ۾ مصباح الحق، احمد شهزاد،محمد حفيظ، عمر اڪمل، فواد عالم، عمر امين، اسد شفيق، صهيب مقصود، سرفراز احمد، شاهد آفريدي،رضا حسن، محمد عرفان، انور علي، وهاب رياض ۽ جنيد خان شامل آهن. 14 رڪني ٽي-20 ٽيم ۾ شاهد آفريدي، احمد شهزاد،محمد حفيظ، عمر اڪمل، عمر امين، صهيب مقصود، اويس ضياءِ، سعد نسيم، رضا حسن، محمد عرفان، وهاب رياض، بلاول ڀٽي، انور علي ۽ سهيل تنوير شامل آهن.آسٽريليا خلاف چئن ڏينهن واري ميچ لاءِ اعلانيل پاڪستاني اي ٽيم جو ڪپتان اسد شفيق کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ شان مسعود،احمد شهزاد، بابر اعظم، اسد شفيق، حارث سهيل، اسرار الله، عدنان اڪمل، رضا حسن، ڪرامت علي، عمران خان، عطاءُ الله، راحت علي، احسان عادل ۽ محمد طلحه شامل آهن. يو اي اي خلاف 19 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پنجن ون ڊي ميچن لاءِ اعلانيل پاڪستاني اي ٽيم جو ڪپتان صهيب مقصود کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ سميع اسلم، شرجيل خان، بابر جمشيد، حارث سهيل، بابر اعظم، احسان عادل، عمران خان، مظفر گوهر، بسم الله خان، ڪرامت علي، بلاول ڀٽي، عادل امين، عثمان شنواري ۽ عطاءُ الله شامل آهن. معين خان جو چوڻ آهي ته ٽيم مشاورت سان ۽ ميرٽ تي چونڊي وئي آهي. ميرٽ تي چونڊي وئي آهي

 

ايشين گيمز هاڪي: روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو اڄ ٿيندو

انچيون (اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز هاڪي ۾ دفاعي چيمپيئن پاڪستان پنهنجي ٽين گروپ ميچ روايتي مخالف ڀارت خلاف (اڄ) خميس تي کيڏندو. گرين شرٽس شروعاتي ٻئي ليگ ميچون کٽي گروپ بي ۾ 16 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي آهي. پهرين ميچ ۾ پاڪستاني رانديگرن سريلنڪا کي 10-14 جي واضح مارجن سان شڪست ڏني جڏهن ته چين خلاف ٻي ميچ ۾ 0-2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان پنهنجي چوٿين ۽ آخري گروپ ميچ 27 سيپٽمبر تي اومان خلاف کيڏندو

 

ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ وومينز جي وچ ۾ ٻين ٽي-20 ميچ (اڄ) کيڏي ويندي

ڪنگسٽن (اسپورٽس نوز) ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي-20 ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ (اڄ) خميس ڏينهن کيڏي ويندي. ان کان پهرين ميزبنا ٽيم ويسٽ انڊيز چار ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ نيوزيلينڊ کي ڪلين سوئيپ ڪري چڪي آهي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 27 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.

 

 

 

 

ايشين گيمز مينز فٽبال ٽورنامينٽ جو پري ڪوارٽر فائينل مرحلو اڄ شروع ٿيندو

انچيون (اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز مينز فٽبال ٽورنامينٽ جو پري ڪوارٽر فائينل مرحلو اڄ خميس کان شروع ٿيندو. ميزبان ٽيم ڏکڻ ڪوريا، فلسطين، ٿائيلينڊ، اردن، ازبڪستان، عراق، اتر ڪوريا، ويٽنام، هانگ ڪانگ، جاپان،چين، ڪرغستان، سعودي عرب، تاجڪستان، انڊونيشيا ۽ گڏيل عرب امارتن پري ڪوارٽر فائينل مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ (اڄ) خميس تي 4 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ هانگ ڪانگ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ٻين ميچ فلسطين ۽ جاپان وچ ۾ کيڏي ويندي. ٽين مئچ ٿائيلينڊ ۽ چين جڏهن ته چوٿين ميچ اردن ۽ ڪرغستان وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

انڪار جي آگاهي: شوڪت لوهار

غلامي لاءِ ڪا حتمي وصف موجود ڪو نه آهي. اِها ڪڏهن ڪهڙين شڪلن ۾ رهي آهي، ان لاءِ ڪا آخري راءِ ڪونه آهي. اسان کي صرف اِها ئي غلامي نظر ايندي آهي، جيڪا اسين تاريخ جي ورقن ۾ پڙهندا آيا آهيون يا اسپارٽيڪس جهڙي شاهڪار مان معلوم ٿي آهي. اسان صرف انهي نقطي تي بيٺا آهيون ته غلامي صرف پراڻي دؤر ۾ ٿيندي هئي، هاڻي ڪو نه آهي؟ اِهي ماڻهو جيڪي پيرن ۾ لوهيون ٻيڙيون پارائي ۽ ڳچي ڳانا لوهه جا ڪري هِڪ ڏيهه کان ٻئي ڏيهه پهچايا ويندا هئا ۽ پوءِ انهن جي قسمت جو فيصلو انهن جي قيمت جي وصولي کانپوءِ ڪيو ويندو هو. ائين سدائين ٿيندو آيو آهي. انسان هر دؤر ۾ نيلام ٿيندا رهيا آهن، انهن جي نيلامي ڪنهن هِڪ دؤر تي محيط ٿورو ئي آهي. طبقاتي زنجيرن ۾ ويڙهيل ماڻهو جو ماس، رنگ ۽ نسل ڌن دولت جا پنجوڙ ماڻهو کي جيئري مرڻ جهڙو بڻائي وجهن ٿا.قيد خانو رڳو جيل جي ڪال ڪوٺڙي ٿورو ئي هجي ٿي، ڇا هِي زندگي وڏو قيدخانو ڪو نه آهي، جنهن ۾ وک وک تي هزارين سپاهي بيٺا آهن، جيڪي ساهه کڻڻ جي قيمت وصول ڪن ٿا.هر دؤر پنهنجي پنهنجي حساب سان غلامي جي وصف ٺاهي ٿو. پراڻي زماني ۾ ماڻهن کي هٿ ڪڙول وجهي بازار ۾ وڪيو ويندو هو، اڄ ماڻهو بغير هٿ ڪڙول جي پاڻ وڪري لاءِ موجود آهن. اڳي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو، ٻارڙا ماسيون سڀئي لفط ”غلام“ جي چئي هيٺ ايندا هئا، اڄ اهي سڀ لفظ ”نوڪر“ جي چادر ۾ ويٺا آهن. مون کي ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ٻولي جي تبديلي واري لهر تي حيرت ٿيندي آهي، جنهن ماسي جهڙي انمول رشتي کي اهڙي ڀيانڪ معنيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ماسي معنيٰ امڙ جي ڀيڻ معنيٰ ساڳي امڙ پر افسوس ته هن ڪارپوريٽ سماج ۾ رشتن جي نڙي تي الائي ڪنهن ڪاتي وهائي ڇڏي آهي. لهو لهان اسان جو سماج طبقاتي اونچ نيچ جي ڪري نوٽن جي هٻڇ ۽ ان جي هيروئني بدت سبب سڀ ڪجهه وساري چڪو آهي. اڄ جي معاشري ۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه آهي، اِها هِڪ وڏي معاشي ڀونچال جو اهڙو واڄٽ Siran آهي، جيڪو پڙاڏو ٿيڻ ۾ دير ي ڪو نه ڪندو. هي رشتن جو شيش محل ڪيڏي به محل ڌڙام ڪري هيٺ اچي ڪرندو. سڀ ڪجهه ڀور ڀور ٿي ويندي.جديد دؤر ۾ غلامي جون تقاضائون پنهنجون آهن. طاقتور نوڪر شاهي کي افسر شاهي بڻايو ويو آهي. ماتحت کي صرف غلام جو ٽيگ لڳل ڪو نه آهي، باقي ان جي وصف ساڳي آهي.ڪنزيومر مارڪيٽ ۾ قدر صرف انهي شيءِ جو آهي، جيڪا گهڻو وڪامي ٿي.منهنجي نظر ۾ جديد دؤر ۾ غلامي هزارين دفعا وڌي آهي يا ائين کڻي چئجي ته معاشي ضرورتن جي پيئڻ بلا اسان مان جيئڻ جو ساهس ڪڍي ڇڏيو آهي. ماڻهو کي آگاهي هوندي اڻ ڄاڻائي جو مظاهرو ڪرڻو پوي ٿو. بي وسي ۽ لاچاري ۾ هو پنهنجو پاڻ کي جڏهن جاچي ٿو ته پنهنجا هٿ پير سماجي، معاشرتي زنجيرن ۾ ٻڌل ڏسي ٿو ۽ زبان تي لڳي وڃن ٿا، چپ جا تالا.مون کي چڱي ريت ياد آهي پڙهائي واري زماني ۾ يونيورسٽي ۾ ڪا سياسي وي آءِ پي شخصيت آئي هئي ۽ اسان سڀني ان جي تقرير نه چاهيندي به ٻڌي هئي جو اسان کي ٻاهر وڃڻ نه پئي ڏنائون. انهن ڏينهن ۾ مون کي سخت بخار هو، پر جيستائين ان وي آءِ پي شخصيت جي رخصتي نه ٿي، اسين آرٽ فيڪلٽي ۾ واڙيل هئاسين. نيٺ بک ۽ بخار ۾ پاهه ٿي سياسي شخصيت جا تمام گهڻا ”ٿورا“ ادا ڪياسين ۽ دعائون ڏنيون سين.فلائيٽ پي ڪي 370 ۾ ڪجهه ائين ئي ٿيو جو ان جي وڊيو هاڻ ڪنهن کان لڪل ڪانه آهي. اِها وڊيو جنهن به ڏٺي هوندي هاڻ ڪجهه گهڙين لاءِ سوچن جي چهنڊڙين ۾ ضرور رهيو هوندو.ان ۾ جڏهن اڳوڻو گهرو وفاقي وزير رحمان ملڪ سوار ٿيڻ اچي رهيو هو ته ماڻهن شور مچايو ته ڇا هي فلائيٽ اوهان جي ڪري ليٽ ٿي آهي؟ ان کانپوءِ نواز ليگ سان تعلق رکندڙ ايم اين اي رميش ڪمار پڻ اهڙي پڇا ڳاڇا مان گذريو. سينيٽر رحمان ملڪ ته پٺيان پير ڪيا. آخرڪار اڏام ٻه ڪلاڪ دير ٿي ۽ ماڻهن ۾ گهڻو تاءُ هو. ان واقعي کانپوءِ ان اڏام جي عملي کي معطل ڪيو ويو ۽ ڪارروائي جاري آهي.اِهو ڪو پهريون موقعو ڪونه آهي جو ائين ٿيو هجي. اصل ۾ اسان وَٽ ڪنهن به اهم شخصيت جنهن کي عرف عام ۾ سائين، پير، مير، سردار، نوابزاده، سردار زاده، صاحب وغيره جي پروٽوڪول ۾ ويڙهيو ويندو آهي. وقت تي اچڻ برو لڳندو آهي. اِهو اسان جو رواج آهي. ڀلي ڪجهه به ٿي پوي پر جيئن ته قبلا سائين وي آءِ پي اڃا تائين ڪونه پهتا آهن، ان ڪري في الحال اوهان کي انتظار ڪرڻو پوندو.اوهان شادي جي تقريب ۾ وڃو، ماني ڏهه وڳي لکيل آهي، مجال آهي جو اِها ڏهه وڳي شروع ٿئي، جڏهن رات جو هڪ وڳي ماني ملي ته ٺيڪ آ نه ته اوهان بکيا واپس ٿيندا.ڪنهن جلسي کي خطاب ڪرڻو هجي ته اهم شخصيت جو اچڻ هميشه دير سان ٿيندو آهي جو اِها ڳالهه ان جي شان وٽان ڪينهي ته هو وقت کان اڳ اچي بيهي رهي.اوهان ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃو هو فارما سرٽيڪل ڪمپنين جي لالچائيندڙ پيڪيجز ۾ گم هوندو، حرام آهي جو اوهان جو چيڪ اپ ڪري! اهڙي ريت اوهان ڪنهن قطار واري جاءِ تي وڃو. اوهان قطار ۾ بيهي بيهي ساڻا ٿي پوندا، پر جيڪو وڏي گاڏي ۽ پروٽوڪول سان اچي ظهور پذير ٿيندو، ان جو ڪم هڪ منٽ ۾ ٿي ويندو.اسان وٽ وي آءِ پي ڪلچر ايترو گهرو ٿي چڪو آهي جو ان جو ايتري جلدي ختم ٿيڻ ممڪن ئي ڪونه آهي.ڳوٺن ۽ واهڻ وستين ۾ وڃو، اُتي ننڍا ننڍا وڏيرا، جيڪي ڪنهن برادري يا فيملي جا وڏيرا آهن، انهن وٽ عرض ڪرڻ لاءِ ڏينهن مقرر ٿيل آهن، ٻي صورت ۾ اوهين شام جو اتي هليا وڃو ته اوهان کي اهائي ورندي ملندي:

”خان صاحب آرام ۾ آهن“

”نواب صاحب خلوت ۾ آهن“

انهي صورتحال کي ڀل ڪيترو به وقت ٿي وڃي، اوهان کي اِهو انتظار ڀوڳڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان عوام آهيو ۽ دربدري، ڌڪا ۽ ڇڙٻون هن عوام جو مقدر ٿي چڪا آهن، پر هي عوامي غصو ۽ ري ايڪشن انهيءَ ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته ماڻهو هاڻ بيزار ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته چئبو آهي ته تنگ آمد بجنگ آمد.طبقاتي نظام ڪنهن به طرح انسان جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪارگر ڪو نه آهي. هِڪ طبقو پيڙهيل جيڪو هِڪ وقت جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان هجي، ٻيو طبقو اهڙو جيڪو ماني کائي هزارن جي نوٽن کي ٽشو پيپر بڻائي پنهنجو منهن صاف ڪري، هِڪ طبقو اهو جنهن کي گٽر جو پاڻي پيئڻ لاءِ دستياب نه هجي، ٻيو اِهو جيڪو ولايتي پاڻي جا ٻوچ کوليندي سرهو ٿئي ته اوهين ڪهڙي برابري جي اميد رکي سگهو ٿا.اسين جيتري تائين انڪار ڪرڻ ڪونه سکنداسين، جيتري تائين وي آءِ پي ڪلچر نامنظور جو پيغام گهر گهر تائين عام ڪو نه ٿيندو، هي جديد غلامي ختم ڪونه ٿيندي. انسانيت جي نجات وي آءِ پي ڪلچر جي انڪار ۾ پيوست آهي.

************

 

ٻوڏ ۽ سنڌ جو ڪچو : اسحاق سومرو

سنڌ جو سوين ميلن وارو ڪچي جو علائقو، پنجن درياهن جي پاڻيءَ کي پنهنجي پيٽ مان گذاري، سوين سالن کان وٺي سمنڊ تائين پي پهچائيندو رهيو آهي. سنڌ پڇڙيءَ ۾ هجڻ جي ڪري هميشه انهن پنجن ئي دريائن جي تيز لهرن جو واحد قدرتي گس آهي، جنهن ڪري سنڌ کي هميشه وڏي ۽ ننڍي ٻوڏ لاءِ تيار رهڻو آهي. پنجاب جي ”پنجند“ وٽ پنجن ئي درياهن ستلج، راوي، چناب، جهلم ۽ خود سنڌوءَ جو پاڻي گڏ ٿي، ڪوٽ مٺڻ کانپوءِ گڊو بئراج وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي. جيستائين اُهو پنجن ئي درياهن جو پاڻي سمنڊ جي اندر ڇوڙ نه ٿو ڪري، تيستائين سنڌ جي عوام جو ساهه مٺ ۾ ئي رهندو آهي.

هن سال به پنجاب مان گذرندڙ دريائن ۾ پاڻيءَ جي اوچتي واڌ جي ڪري، مختلف هيڊ ورڪس، بئراجن تي سخت دٻاءَ ۽ انهن جي لڙهي وڃڻ جي ڊپ کان پنجاب جي حڪومت ”18 هزار بند“ توڙي ٻين ڪيترن ئي بندن کي مصنوعي طريقي، يعني ”بمن جا ڌماڪا“ ڪري ٽوڙي، پاڻيءَ جي زور ۾ گهٽتائي ڪري، پنهنجي بئراجن ۽ ڪجهه مکيه شهرن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، جنهن ڪري ڪيترائي شهر ۽ علائقا انهي هٿرادو بندن ٽوڙڻ جي ڪري ٻڏي ويا، جتان لکين ماڻهن کي عارضي طور تي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي. پاڻيءَ جي انهيءَ زور جي ٽٽڻ جي ڪري سنڌ کي فائدو پهتو ۽ پاڻيءَ جو وڏي ۾ وڏو وهڪرو گڊو بئراج تائين 4 لک ڪيوسڪ کان نه وڌي سگهيو، جيڪو 11 لک ڏهه هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو 2010ع جي ٻوڏ دوران سنڌ جي ٽنهي بئراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ کي لڳاتار 11 ڏينهن تائين جاري رهيو هو، جنهن ڪري پهرين ٽوڙيءَ ۽ بعد ۾ ٺٽي ضلعي ۾ سجاول جي ڀرسان ”ڪوٽ عالمو“ وٽان، بندن جي ڪمزور هجڻ، آبپاشي کاتي جي نااهلي، سالن کان وٺي باوجود اربين خرچ ٿيڻ جي، بندن جي گهربل مرمت نه ٿيڻ جي ڪري بند ٽٽي پيا ۽ سنڌ جا 80 لک ماڻهو دربدر ٿيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ٻن مهينن تائين مفلوج رهي.

پاڻي انسان جي اڄ به اهم ترين ضرورت آهي، جڏهن انسان اڃان ترقي نه ڪئي هئي ته ماڻهن انهن علائقن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني هئي، جتي پاڻيءَ جي سهوليت موجود هئي. ان جو اندازو دنيا جي پراڻين تهذيبن ۽ انهن جي آثارن مان لڳائي سگهجي ٿو، جيئن درياهه نيل جي ڪناري تي مصري تهذيب، درياهه فرات تي بابلي تهذيب جا آثار، سنڌ جي قديم تهذيب جا آثار، درياءَ سنڌ جي ڪناري تي ملن ٿا. اڄ به ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا شهر درياهن جي ڪناري تي ملن ٿا. يعني پوئين زماني ۾ معيشت ۽ گذرگاهن جو دارومدار دريائن جي وهڪرن تي هوندو هو. سنڌ جي زرخيز ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار به اڃان تائين درياهه سنڌ ۽ ان جي پاڻيءَ تي آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين پوري سنڌ کي سيراب ڪري ٿو. 1842ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو ته سنڌ کي زرخيز بنائڻ ۽ اناج پيدا ڪرڻ لاءِ 1943ع ۾ ٻيلن ۽ آبپاشيءَ جي محڪمن جو بنياد رکيو ويو. 1860ع ۾ درياهه جي پاڻيءَ کي قابوءَ ۾ آڻڻ لاءِ درياهه جي ٻنهي پاسن کان بند ٻڌڻ جي شروعات پڻ ڪئي وئي، جيئن سنڌوءَ جي ڇڙوڇڙ پاڻيءَ کي زرعي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اڳتي هلي پهريون دفعو 1932ع ۾ سکر ۾ ”سکر بئراج“ جي تعمير مڪمل ڪرائي وئي ۽ سنڌ ۾ باقاعده پاڻيءَ جي رسد کي زراعت لاءِ ڪم آڻڻ جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ جي ڏوراهن علائقن تائين پاڻي پهچڻ شروع ٿيو، سنڌ ۾ زراعت جي شعبي ۾ وڏي پئماني تي ترقي ٿي ۽ درياهه جي وچ واري علائقي کي، جيڪو ٻنهي پاسن جي وچ وارو علائقو آهي، ان کي ”ڪچي“ جو نالو ڏنو ويو.

هڪ اندازي مطابق انهي ڪچي جي علائقي ۾ جيڪو ڪشمور کان وٺي درياهه جي پڇاڙ يعني ڊيلٽا تائين آهي، جنهن ۾ 20 لک 11 هزار 2 سؤ ايڪڙ ايراضي اچي وڃي ٿي، جنهن مان 10 لک ايڪڙ زمين زرعي استعمال هيٺ آهي، 6 لک ايڪڙ درياهه جي وچ وارو حصو آهي. 4 لک 50 هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زير استعمال آهي. باقي بچيل 50 هزار ايڪڙ زمين تي ڍنڍون، ڳوٺ وغيره اچي وڃن ٿا، جتي ڪابه پوک وغيره نه ٿي ٿئي.

اڄ کان 42 سال اڳ ڪچي جي علائقي ۾ صرف ساڍا ست لک ماڻهو آباد هئا، جتي هاڻي ڪچي ۾ رهندڙن جو تعداد 35 لکن کان به وڌيڪ آهي، جيڪو تعداد دنيا جي ملڪن ڪويت، قطر، ماريطانيه، موناڪو، جبرالٽر، البانيا، لڪسمبرگ، مالديپ، برونائي، ڀوٽان، گرينڊا، بارباڊوس سميت اٽڪل 70 آزاد ملڪن کان به وڌيڪ آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هن وقت 17 لک 86 هزار کان به وڌيڪ ڪچي جي ايراضي بااثر ماڻهن جي قبضي هيٺ آهي، جتي بااثر جاگيردارن پنهنجيون ”ڪيٽيون“ قائم ڪري ڇڏيون آهن. خانگي ٽيوب ويل ۽ غير قانوني بند ٻڌائي اتي پوکي ڪري رهيا آهن ۽ وڏي پئماني تي ڪچي واري علائقي ۾ وڻن جي ڪٽائي وارو غير قانوني ڪم جاري آهي، جنهن سان درياهه جا ٻيلا تقريبن ختم ٿي چڪا آهن.

اڄ کان 35 سال پهرين ڪچي جي علائقي ۾ 42 سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻيلا هئا، پر لڳاتار غير قانوني طور تي ٻيلن جي ڪٽائي جي ڪري هاڻي اُتي زرعي زمين جي پوکيءَ جي ڪري 2010ع ۾ ٻيلن جي ايراضي صرف 0.72 سيڪڙو رَهي آهي. ڪچي جي زمين ۽ ٻيلن جي حفاظت جي ذميواري ٻيلي کاتي ۽ آبپاشي کاتي جي فرضن ۾ شامل آهي، پر گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي سنڌ جا هيءَ ٻئي محڪما پنهنجا فرض سٺي نموني سان سرانجام نه ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري درياهه جو قدرتي نظام (Eco- System) ۽ دريائي ٻيلا سخت متاثر ٿي رهيا آهن.

آبپاشي جي ماهرن، درياهه سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏ واري پاڻيءَ جي ٽن حصن ۾ درجابندي ڪئي آهي، درياهه جو پاڻي جيڪڏهن 50 هزار کان هڪ لک ڪيوسڪ جي وچ ۾ آهي ته ان کي عام ٻوڏ سڏيو ويندو آهي ۽ انهيءَ پاڻيءَ ۾ ڪچو محفوظ رهندو آهي. پاڻي جو مقدار هڪ لک کان ٻه لک ڪيوسڪ جي وچ ۾ هجي ته پوءِ ڪچي جي صرف 10 سيڪڙو ايراضي پاڻيءَ هيٺ اچي ويندي. پر ان سان ڪنهن به مالي نقصان جو خطرو نه رهندو آهي. ٻن کان ٽن لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جي اچڻ تي ڪچي جو 20 سيڪڙو حصو متاثر ٿيندو آهي. جيڪڏهن درياهه ۾ 4 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ اچي ٿي ته ان سان ڪچي جو 35 کان 40 سيڪڙو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي، جنهن سان فصلن کي ۽ گهرن کي نقصان پهچندو آهي ۽ ڪچي جي آبادي ڪجهه وقت لاءِ بندن تي منتقل ٿي ويندي آهي ۽ 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻيءَ جي اچڻ تي ڪچي جي 60 کان 70 سيڪڙو ايراضي پاڻيءَ هيٺ اچي ويندي آهي، ست لک ۽ ان کان وڌيڪ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ڪچي جو 90 سيڪڙو حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي، تنهن ڪري هن سال سنڌ ۾ صرف 4 لک ڪيوسڪ پاڻي داخل ٿيو، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪچي جو صرف 35 کان 40 سيڪڙو حصو ئي پاڻيءَ هيٺ آيو هوندو ۽ اُهو به گڊوءَ وٽ چار لک ڪيوسڪ پاڻي هو، پر ان کانپوءِ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ۽ ان کان هيٺ پاڻيءَ جو مقدار اڃان به گهٽ ٿي وڃي ٿو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪچي ۾ رهندڙ 35 لک ماڻهن ۽ انهن جي زمينن ۽ فصلن کي ڪو خاطر خواهه فائدو نه رسيو آهي.

سنڌ جي ٻيلي کاتي طرفان ”درياهي ٻيلن“ جي واڌ لاءِ 2004ع ۾ ”ايگروفاريسٽ ليز پاليسي“ متعارف ڪرائي وئي، جنهن تحت ڪچي جي هزارين ايڪڙ زمين ليز تي ڏني وئي ۽ ان تحت هزارين ماڻهن ان مان فائدو وٺي وڏي مقدار ۾ زمين ليز تي حاصل ڪئي ۽ ان سان سنڌوءَ جي ڪچي جي آباديءَ ۾ تمام گهڻو واڌارو آيو. انهن ليز حاصل ڪندڙن ۾ اڪثريت اثر رسوخ ۽ سياسي طور تي مضبوط ماڻهن جي هئي، جن زرعي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ غير قانوني طور تي وٺڻ جي وڏي پئماني تي ڪٽائي شروع ڪئي، ٻيلا تيزيءَ سان ختم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ سنڌ جي ڪچي جي صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ سنڌ جو آبپاشي ۽ ٻيلن وارو کاتو ته رڳو سنڌ جا ٻيلا بچائي نه سگهيو پر ڪچي ۾ زرعي زمينن جي پوک، ”زمينداري بندن“ جي غير قانوني اڏاوت ۽ ڪيٽين جي قيام، سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي سولائي سان گذرڻ ۾ رڪاوٽن جي ڪري بندن تي شديد دٻاءُ پيا ۽ ان جي ڪري سنڌوءَ جا اڳئي ڪمزور بند ٽٽي پيا ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ سنڌ جي لکين ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.

درياهه سنڌ، صوبي جي 14 ضلعن مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، انهن ضلعن ۾ ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه، خيرپور، مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊومحمدخان، نوشهروفيروز، سکر ۽ ٺٽو شامل آهن.

محڪمي روينيو جي انگن اکرن مطابق هن وقت ڪچي جي 17 لک 86 هزار 16 سؤ ايڪڙ زمين مختلف سردارن، پيرن، سياسي شخصيتن ۽ ڏاڍن مڙسن جي زير استعمال آهي، جن ٻيلن کي ڪٽي وڻن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ اُهو وڻن جو ڪاٺ ڪٽي. ٽرڪن، ٽريالين جي ذريعي ٻاهر پڪي ته وڪڻي وڏو ناڻو ڪمائيندا رهيا آهن.

ان کانسواءِ ٻيلي کاتي جي 10 هزار هيڪٽر زمين (24710 ايڪڙ) روينيو کاتي وارن مختلف ماڻهن کي ليز تي ڏئي ڇڏي آهي ۽ ڪچي وارو علائقو ”بااثر مافيه“ جي قبضي جي هيٺ اچي چڪو آهي، جن طرفان زرعي زمينن جي آباد ڪرڻ جي ڪري درياهه جي فطري وهڪري ۾ وڏي پئماني تي رڪاوٽون اچي ويون آهن.

ڪچي ۾ وڌندڙ آبادي، مقامي ماڻهن ۾ سماجي مسئلن ۾ واڌ آئي آهي. ڏوهاري ڪاررواين ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. ٻيلي کاتي جو وقت به وقت ٺهندڙ پاليسيون ۽ وڌيڪ وڻن پوکڻ جون سڀئي ڪوششون بريءَ طرح ناڪام ويون آهن. هن وقت تائين ٻيلي کاتي طرفان 1962ع، 1975ع، 1980ع جون پاليسيون ٺاهيون ويون آهن، ان کانسواءِ 1991ع جي ليز پاليسي پڻ ڪابه بهتري آڻڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، تنهن ڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته درياهه سنڌ جي انهي پاڻيءَ جي گذرگاهه کي بنا رڪاوٽ وارو بنائڻ لاءِ ٺوس ۽ عملي قدم کنيا وڃن.

 

خالي پيل جايون ۽ نظرانداز ڪيل ٻهراڙي ڪوٽا

وفاق جي مختلف کاتن ۾ مختلف گريڊن ۾ 64 هزار 22 پوسٽون خالي پيل آهن ملڪ ۾ مجموعي طور تي منظور ٿيل پوسٽن جو انگ 4 لک 44 هزار 173 آهي جنهن مان ڀرتي ٿيل ملازمن جو انگ 3 لک 80 هزار 151 آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي کاتن ۾ مقرر انگ کان وڌيڪ ڀرتيون ٿيل آهن، سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا ڪيترن ئي کاتن ۾ نظرانداز ٿيل، ڪيترن ئي وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي ڪو به ملازم ڀرتي ٿيل نه آهي سنڌ شهري ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ملازمن جو انگ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا کان ٻيڻ تي آهي، جڏهن ته وفاقي کاتن ۾ عورتن، اقليتن سان پڻ ناانصافي ٿيل، مقرر ڪوٽا کان گهٽ ڀرتيون ٿيل. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪابينا ڊويزن جي مختلف کاتن ۾ ڪل پوسٽن جو انگ 25 هزار 560 آهي جتي 18 هزار 728 ملازم ڀرتي ٿيل آهن جڏهن ته ڪيپيٽل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن ۾ منظور ٿيل 57 جايون مڪمل طور تي ڀريل آهن جڏهن ته واپار واري ڊويزن ۾ ڪل 6 هزار 192 جايون آهن جتي 5 هزار 645 ملازم ڀرتي ٿيل آهن، مواصلات ۾ 2 هزار 183 جاين هوندي صرف 1 هزار 695 ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن، ماحولياتي تبديلي واري ڊويزن ۾ 249 جاين هوندي صرف 218 ملازم ڀرتي ٿيل آهن، دفاع واري وزارت ۾ 28 هزار 377 جاين تي 26 هزار 792 ملازم ڀرتي ٿيل آهن، دفاعي پيداوار جي وزارت ۾ 2 هزار 353 جايون مڪمل طور تي ڀريل آهن، تعليم ۽ تربيت واري ڊويزن ۾ ڪل ملازمن جو انگ 18 هزار 809 آهي جتي موجود ملازمن جو انگ 13 هزار 20 آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ 2 هزار 394 جاين هوندي 1548 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، ناڻي واري وزارت ۾ 27 هزار 160 جاين تي 27 هزار 128 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پرڏيهي کاتي ۾ 184 جاين تي 109 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، هائوسنگ اينڊ ورڪس کاتي ۾ 751 جاين هوندي 713 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، هيومن ريسورس ڊولپمينٽ ۾ 1933 جاين تي 1611 ملازم مقرر ٿيل آهن، صنعت واري وزارت ۾ 16 هزار 887 جاين تي 11 هزار 984 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف کاتن ۾ 10 هزار 691 جاين هوندي 9 هزار 157 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن جنهن ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۾ منظور ٿيل جاين جو انگ 642 آهي جتي هڪ اندازي موجب 1200 کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز اسلام آباد ۾ 96 منظور ٿيل جاين تي 51 ملازم، ريڊيو پاڪستان ۾ 2921 جايون مڪمل طور تي ڀريل آهن، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۾ منظور ٿيل 6 هزار 407 جاين تي 4 هزار 579 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ۾ 581 جايون مڪمل طور تي ڀريل آهن جڏهن ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ 44 جاين مان 35 جايون ڀريل آهن جڏهن ته انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن جي وزارت ۾ 6 هزار 169 منظور ٿيل جاين تي 5 هزار 746 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۾ منظور ٿيل جاين جو انگ 1766 آهي جتي 1651 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، گهرو وزارت ۾ 9 هزار 256 منظور ٿيل پوسٽون آهن جتي 9 هزار 187 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، ڪشمير افيئرس اينڊ گلگت بلتستان واري سيڪريٽريٽ ۾ منظور ٿيل جاين جو انگ 729 آهي جتي 724 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن.

 

 

، ختم

قانون ۽ انصاف واري ڊويزن ۾ 79 جايون منظور ٿيل آهن جتي 58 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۾ منظور ٿيل جاين جو انگ 4 هزار 211 آهي، جتي 4 هزار 63 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، قومي يڪجهتي واري وزارت ۾ 2 هزار 111 منظور ٿيل جاين تي 2 هزار 91 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت ۾ منظور ٿيل جاين جو انگ 708 آهي جتي 623 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، نيشنل ريگيوليشن اينڊ سروسز ۾ 1106 منظور ٿيل جاين تي 950 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پرڏيهي پاڪستانين واري وزارت ۾ 2 هزار 217 منظور ٿيل جاين تي 1852 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت ۾ 37 هزار 237 جاين تي 33 هزار 114 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت ۾ 319 جاين تي 256 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، نجڪاري واري وزارت ۾ 126 پوسٽن تي 97 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پورٽ اينڊ شپنگ واري وزارت ۾ 9 هزار 932 جاين تي 7 هزار 804 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پيداوار واري وزارت ۾ 14 هزار 855 ملازمن جي جاءِ تي 17 هزار 894 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، مذهبي معاملن واري وزارت ۾ 111 منظور ٿيل پوسٽن تي ملازمن جو انگ 102 آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ منظور ٿيل پوسٽن جو انگ 13 هزار 230 آهي جڏهن ته ڪم ڪندڙ ملازمن جو انگ 11 هزار 783 آهي، رياستن ۽ سرحدي معاملن واري وزارت ۾ 196 منظور ٿيل پوسٽون مڪمل طور تي ڀريل آهن، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي وزارت ۾ 794 منظور ٿيل جاين تي ڪم ڪندڙ ملازمن جو انگ 548 آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۾ منظور ٿيل ملازمتن جو انگ هڪ هزار 93 هزار 526 آهي جتي هڪ لک 59 هزار 424 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ منظور ٿيل جاين جو انگ 1715 آهي جتي 1230 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن