تازيون خبرون

Daily Archives: September 22, 2014

سعيد اجمل جو ايڪشن صحيح ڪرائڻ لاءِ ثقلين مشتاق 10 لک رپيا وٺندو

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آف سپنر جي بائولنگ ايڪشن تي ڪم ڪ141972رڻ ۽ ان کي رهنمائي ڏيڻ لاءِ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر ثقلين مشتاق (اڄ) اڱاري ڏينهن لاهور پهچندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ذريعن موجب سعيد اجمل جي ايڪشن جي درستگي تي ثقلين مشتاق 24 سيپٽمبر کان باقاعدا ڪم ڪندو. ذريعن موجب هڪ مهيني پراجيڪٽ لاءِ ثقلين مشتاق کي پي سي بي 10 لک رپيا ادا ڪندو. سعيد اجمل سان گڏ ڊوميسٽڪ جا ۷ بائولر به ثقلين مشتاق کان تربيت حاصل ڪندا. نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ مشتاق احمد هڪ هفتي کان سعيد اجمل تي ڪم ڪري رهيو آهي. قومي اسپنر جو ميڊيڪل به ڪرايو پيو وڃي.

 

ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي – 20 ميچ اڄ کيڏي ويندي

سينٽ ونسنٽ (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ وومينز ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ ٽن ٽي – 20 ميچن تي ٻڌل سيريز (اڄ) اڱاري کان شروع ٿيندي، ان کان پهرين ميزبان ٽيم ويسٽ انڊيز چئن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ نيوزيلينڊ کي ڪلين سوئيپ ڪري چڪي آهي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽي – 20 سيريز جي پهرين ميچ (اج) اڱاري ڏينهن سينٽ ونسنٽ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 25 سيپتمبر تي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ  27 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.

 

ايشين گيمز هاڪي ۾ راويتي مخالف پاڪستان ڀارت جي خلاف 25 سيپٽمبر تي کيڏندو

انچيون (اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز هاڪي ۾ دفاعي چيمپيئن پاڪستان پنهنجو ٽيون گروپ مئچ روايتي مخالف ڀارت خلاف 25 سيپٽمبر تي کيڏندو.جڏهن ته گرين شرٽس شروعاتي ٻئي ليگ ميچون کٽي گروپ بي ۾ 6 پوائنٽون کڻي پهرين نمبر تي رهي. پهرين مئچ ۾ پاڪستاني رانديگرن سريلنڪا کي 14.0  تان هارايو. جڏهن ته چين جي خلاف ٻي مئچ 0.2  تان کٽي. واضح رهي ته پاڪستان پنهنجو چوٿون ۽ آخري گروپ مئچ 27 سيپٽمبر تي  اومان خلاف کيڏندو.

 

قومي بيس بال ٽيم ايشين گيمز ۾ پنهنجي پهرين ميچ (اڄ) جاپان خلاف کيڏندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي بيس بال ٽيم ايشين گيمز ۾ پنهنجي پهرين ميچ (اڄ) اڱاري تي جاپان خلاف کيڏندي. ايشين گيمز ڪوريا ۾ کيڏي پيئي وڃي جنهن ۾ 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. پاڪستان کي گروپ بي ۾ جاپان، چين ۽ منگوليا سان گڏ رکيو ويو آهي. جڏهن ته گروپ اي ۾ ڪوريا، چائنيز، تائپي، هانگ ڪانگ، ٿائيلينڊ، جون ٽيمن شامل آهن. پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ايشيا جي نمبر ون جاپان خلاف 23 دسيپٽمبر تي کيڏي ويندي. گروپ جي ٻي ميچ 24 سيپٽمبر تي منگوليا خلاف کيڏي ويندي جڏهن ته گروپ جي پنهنجي ٽين ۽ آخري ميچ چين خلاف 25 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.

 

قومي ٽي-20 ڪرڪيٽ ڪپ ۾ (اڄ) 4 ميچون کيڏيون وينديون

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پي سي بي جي انتظام هيٺ قومي ٽي-20 ڪرڪيٽ ڪپ ۾ (اڄ) اڱاري تي وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو. تفصيل موجب قومي ٽي-20 ڪپ جا دلچسپ مقابلا نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري آهن. ايونٽ ۾ (اڄ) اڱاري جي پهرين ميچ ۾ بهاولپور اسٽيگز ۽ ڊيره مراد جمالي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ٻي ميچ آزاد ڪشمير جيگو ۽ فيصل آباد ڊولفنز جڏهن ته ٽين ميچ اسلام آباد ليپرڊز ۽ پشاور پينٿرز وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

پاڪستان جي ”مڊل ڪلاس“ بغاوت :نياز مرتضيٰ

جمهوريتون تڏهن مضبوط ٿينديون آهن، جڏهن جمهوري نظام جي خاتمي جي سگهه رکڻ وارا قومي گروهه ونسٽن چرچل جي ان ڳالهه تي عمل ڪن، ته ”جمهوريت هن وقت تائين آزمايل سڀني حڪومتي نظامن کان بهتر آهي.“سڄي دنيا جي ٻين مُلڪن ۾ ته مٿاهين طبقي جا ماڻهو جمهوريت جي مخالفت ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُن سان سندن طاقت ختم ٿي ويندي آهي، جڏهن ته مڊل ڪلاس جا ماڻهو وڌيڪ اختيارن جي لاءِ جمهوريت چاهيندا آهن. پر پاڪستان جي نااهل مٿاهين طبقي جي سياستدانن طرفان نظرانداز ڪيل پاڪستان جي مڊل ڪلاس جا ماڻهو ئي جمهوريت جا سڀ کان وڏا مخالف آهن. جڏهن ته ڪجهه ڪيسن ۾ ته جمهوريت جي اها مخالفت بغاوت جي حد تائين شديد آهي.اُنهن جي بغاوتن ۾ 1950ع جي ڏهاڪي جي بيوروڪريٽس جون سازشون، مارشل لا، اڳوڻي چيف جسٽس جي ڪرپشن جي خلاف جنگ ۽ خلافت جي لاءِ پُرامن ۽ پُرتشدد مطالبا شامل آهن.انهن بغاوتن ۾ هڪ معصوم پر اهم نظريو پيش ڪيو ويندو آهي ته پاڪستان جي سياست کي ڪجهه خاندانن هاءِ جيڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اُنهن کي ڀلي ئي غير آئيني طريقي سان ڪڍيو وڃي، جو اُنهن کي ڪڍندي ئي گورننس ۾ ترت بهتري اچي ويندي.پر مڊل ڪلاس ڊڪٽيٽرز جي هوندي به گورننس ۾ ڪا خاص بهتري ناهي آئي.پاڪستان جي سياست پاڪستاني سماج جي عڪاسي ڪري ٿي. موروثي ۽ خانداني سياست، جنهن کي سماج ۾ پذيرائي حاصل آهي، اسان جي معاشري جي موروثيت ڏانهن جهڪاءَ کي واضح ڪري ٿي، جنهن ۾ بزنس، ميڊيا، انٽرٽينمينٽ مذهبي حڪمت شامل آهن ۽ هي موروثي سياست تڏهن ختم ٿيندي، جڏهن پاڪستاني معاشرو موروثيت ڏانهن پنهنجي جهڪاءَ کي ختم ڪري ۽ آمدني ۽ تعليم ۾ اضافو ٿئي.طاقت جي حاصلات کان محروم ماڻهن وٽ ٻي ڪا راهه ناهي رهندي ته اُهي زندهه رهڻ جي لاءِ سياستدانن سان تعلق جوڙي رکن. گورننس جي بهتري صرف ڪجهه ڪرپٽ سياستدانن کي هٽائڻ سان نه پر پوري سماج جي نظام کي تبديل ڪرڻ سان ايندي.گورننس جي بهتري جو شارڪٽ جمهوريت جي خلاف بغاوت ناهي، بلڪه صبر جو پانڌ جهلي اُن سان گڏ ڪم ڪرڻ، هيٺين طبقي جي ماڻهن سان تعلق قائم ڪري اُنهن کي تعليم ۽ روزگار فراهم ڪرڻ ۽ اُنهن کي متحرڪ ڪرڻ آهي. پر بدقسمتي سان مڊل ڪلاس، غريبن کي رُڪاوٽ طور ڏسي ٿو ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ ڊگري وغيره جي پابندين سان اُنهن کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.انهن بيوروڪريٽڪ، فوجي، مذهبي ۽ قانوني سازشن کان پوءِ هاڻ نئين نئين طاهر القادري ۽ عمران خان جي جمهوري سازش آهي. سماجي انصاف جي حصول جي لاءِ هڪ پُرامن احتجاج جي جمهوري لبادي ۾ انهن ٻنهي صاحبن جي اها ڪوشش آهي ته هڪ ڪرپٽ، نااهل، پر چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو وڃي، ڀلي ئي ڪورٽن ۾ ڌانڌلي ثابت نه ٿي هُجي.اُنهن جون اٽڪلون آئين وغيره جهڙي ”ڪتابي تصورن“ جي لاءِ مڊل ڪلاس جي ناپسنديدگي تي مبني آهن. هاڻ جڏهن ٻه باغي ليڊر سسٽم جي اندر رهندي پنهنجي مسئلن جي حل جي لاءِ ڪم ڪرڻ خاطر تيار آهن، ته ڇا اُنهن جو اهو جمهوري ٽيڪ اوور مڊل ڪلاس جي طرفان ڪيل آخري بغاوت جيئن نٿو لڳي؟ ادارن جي صورت ۾ مڊل ڪلاس گروپ جهڙوڪ، بيورو ڪريسي، عدليه ۽ ميڊيا سڌي اڻ سڌي طريقي سان جمهوريت کي تسليم ڪري ورتو آهي.پر ڪرپٽ سياستدانن جي خلاف مڊل ڪلاس جون شڪايتون پنهنجي جڳهه تي موجود آهن. ته ڇا هاڻ مڊل ڪلاس نئين ليڊرشپ، خلافت جي حامين جي تلاش ۾ آهي؟ لڳي ته نٿو، ڇو ته خلافت جي حامين جا ارادا مبهم ۽ ڪٺن معلوم ٿين ٿا. باوجود اُن جي ته پي ٽي آءِ جي سياست ساڻن ٽڪراءَ تي مُبني آهي، پر اُها پوءِ به شايد اُنهن سان گڏ رهي.پاڪستانين کي هڪ اسٽيٽس مين جي خواهش آهي، پر ڪنٽينر جي مٿان موجود هڪ مهاڏو اٽڪائيندڙ سياستدان ولن جيئن وڌيڪ لڳو، پر پوءِ به پي ٽي آءِ پاڪستان ۾ موجود انتهائي محدود آپشنز کان هٽي ڪري تبديلي جي اُميد جي نمائندگي ڪري ٿي.خيبرپختونخوا جي ڳوٺن ۾ ته نه، پر پشاور ۾ ماڻهن کي گورننس ۾ محدود پيماني تي آيل بهتريءَ جون ڳالهيون ڪندي ٻُڌو آهي. ڀلي ئي اهي تبديليون مسلم ليگ (ن) جي چمڪندڙ پراجيڪٽس جيان شان ۽ شوڪت واريون نه، پر مستحڪم ترقي جي لاءِ سُٺو قدم ثابت ٿي سگهن.

ٿيون، پر پي ٽي آءِ کي هلائڻ وارا ٽيڪنيڪل مينيجرز ڪيتري تبديلي آڻي سگهن ٿا، اُن جون پنهنجون حدون آهن.

عمران خان کي پنهنجي اُن ڌرڻي جي اثرن مان نڪرڻ جي لاءِ هاڻ خيبرپختونخوا جي گورننس ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ گهرجي. جڏهن ته طاهر القادري صاحب کي به لينن بڻجڻ بجاءِ مارٽن لوٿر ڪنگ بڻجڻ ۽ سماجي بهتري آڻڻ طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ڪيترن ئي ماڻهن جي ويجهو موجوده بحران جمهوريت جي لاءِ هڪ وڏو سيٽ بيڪ آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان سان پاليسي سازي ۾ اسٽبلشمينٽ کي ڪجهه حصو مليو هُجي، پر اختلافن جي سڀني معاملن تي نااهل ترين سياستدانن جو پاليسي مؤقف، خيالي طور تي اهل اسٽبلشمينٽ کان بهتر آهي.

پر هن بحران جمهوريت جي ڪمزورين ۽ طاقت ٻنهي کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. چونڊيل حڪومت کي مفلوج ڪرڻ آسان آهي، پر اُن کي گهر موڪلڻ ڏکيو. جزوي سيٽ بيڪ هڪ طرف، پر ڊگهي مُدي ۾ جمهوريت جو سفر صحيح آهي. مفلوج ٿيل اسلام آباد مضبوط جمهوريت جي پيدائش جي ضمانت آهي، جتي هنرمند مڊل ڪلاس جمهوريت جي بالادستي کي قبول ڪري ورتو آهي.

 

وقت جي مُٺ ۾ بند زندگيءَ جا عڪس: شوڪت لوهار

”اهو پنهنجي دور جو بهترين وقت هو، اهو پنهنجي دور جو بدترين وقت هو، اِهو زمانو عقلمندي جو زمانو هو، اهو زمانو اياڻپ جو زمانو هو، اِهو عهد ايڪي ۽ ٻڌي جو عهد هو، اِهو عهد ڇڙوڇڙ ۽ ڀور ڀور ٿيڻ جو عهد هو. اِها روشني جي موسم هئي، اها اوندهه جي موسم هئي، مند اميدن جي بهار، اها مند مايوسين جي سرءُ هئي. سڀ ڪجهه اسان جي آڏو هو، ڪجهه به اسان جي آڏو نه هو.“

مٿيون دلربا سٽون چارلس ڊڪنس جي ناول ٻن شهرن جي آکاڻي A tale of two cities جون ابتدائي سٽون آهن. مون کي خبر ناهي ڇو هي سٽون ڪڏهن به وسري نه سگهيون آهن، توڙي جو ڊڪنس جو هي ناول پڙهي زمانو گذري ويو آهي. هي سٽون منهنجي دِل تي ائين اڪريل آهن، جيئن مڪلي جي قبرن تي ڪتبا اڪريل آهن ۽ الاهي وقت گذرڻ باوجود ڪتبن جون تحريرون ائين جو ائين پيون آهن. Paradox ۾ چيل ڊڪنس جي هن ناول ٻن شهرن جي آکاڻي A Tale of two cities جي مهڙ جون هي سٽون پنهنجي پاڻ ۾ تمام اونهي معنيٰ سموئي نه صرف جنهن دور جي باري ۾ هي سٽون چيل آهن، ان وقت کي وائکو ڪن ٿيون، پر هي هر دؤر جون نمائندا آهن، ترجمان آهن.

چارلس ڊڪنس هِڪ مولائي ماڻهو هو، سڄي زندگي غربت جي گهاڻي ۾ پيسجندو رهيو، در در جون ٺوڪرون کاڌائين، ڪئين نوڪريون ڪيائين، ڪٿي نوڪريون ڇڏيائين، ڪي ڇڏايون ويس، ماڻهن جو ڌنار ليکاري هو، وڏي سڃاڻ رکڻ وارو، پرک رکڻ وارو. هن جي تنگ دست زندگي جو اثر هن جي هر لکڻي مان جهلڪي ٿو. ڊڪنس جي هر ناول جي هر ڪردار ۾ سندس داخليت پسندي سوار نظر اچي ٿي. هو ماڻهو جي فطرت کي ائين سڃاڻي، جيئن اوڏ گڏهه کي سڃاڻي. هو 1812ع ۾ برطانيه جي هِڪ ننڍڙي شهر لينڊ پورٽ ۾ ڄائو، سندس پيءُ نيوي آفيس ۾ هِڪ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو هو. چارلس ڊڪنس گوناگون تخليقي صلاحيتن جو مالڪ هو. هن پنهنجي ناولن ذريعي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن سان ٿيندڙ ويڌن کي وائکو ڪيو آهي ۽ ڇا ته ڪمال ڪاريگري سان ڪيو آهي، اهو سندس هر لکڻي ۾ واضح نظر اچي ٿو.

ڊڪنس ناول نگاري ۾ هڪ بادشاهه ليکاري هو. هن جي ناولن جي لسٽ تمام گهڻي طويل آهي، پر خاص طور تي ”ٻن شهرن جي آکاڻي، اوليور ٽوئسٽ ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ، بليڪ هائوسز، نڪولس نڪل بي وغيره انتهائي اهم آهن. ڊڪنس پنهنجي ناول جي اڻت Craft ۾ هِڪ تمام اعليٰ مقام رکي ٿو. هن جو هر ڪردار زندگي سان ٽمٽار ۽ پنهنجي Content سان چهٽيل نظر اچي ٿو. ڊڪنس جي ناولن ۾ تمام گهڻي داخليت پسندي آهي، تنهن ڪري هن جي هر لکڻي پڙهندڙ کي جهٽ قابو ڪريو ڇڏي. معاشي تنگدستي ۾ لکيل سندس تصنيفون نه صرف پنهنجي دور جون ترجمان آهن، بلڪه هر دور جون ترجمان آهن. ڊڪنس کي نثر جو بادشاهه چيو وڃي ٿو. جهڙي نموني روسي ادب ۾ دوستو وسڪي کي نثر تي اهليت حاصل آهي، تهڙي طرح ڊڪنس کي برطانيه جي اولين ليکڪن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هينسري رچرڊنس وٽ انگريزي ناول اک کولي ۽ ڊڪنس وٽ جوان ٿيو.

فرانسيسي انقلاب جي پسمنظر ۾ لکيل هي ناول ٻن شهرن جي آکاڻي “A Tale of two cities” اڄ به ترو تازه لڳي ٿي. ٿامس ڪارلائل جي ڪتاب History of French Revolution کان متاثر ٿي لکيل هن ناول جي ارپنا پڻ ڊڪنس ٿامس ڪارلائل کي ئي ڪئي آهي. ڪارلائل پڻ پنهنجي عهد جو هِڪ عظيم نثرنگار رهيو آهي، سندس ڪتاب Past and present تمام گهڻو مشهور آهي ۽ جنهن ۾ هن جي اعليٰ پايي جي نثر جون اوچايون پسي سگهجن ٿيون. ڊڪنس پنهنجو سمورو تاريخي مواد هن ڪتاب تان کنيو آهي، پر ڪهاڻي جو ڳر ان جو پنهنجو تخليق ڪيل Created آهي. ڊڪنس هن ناول ذريعي اِهو ڏيکاريو آهي ته جيڪو ڪجهه فرانس ۾ ٿيو، اهو هِڪ ڀيانڪ خواب جيان هو ۽ جيڪڏهن ان وقت جي برطانيه جي حالتن کي سامهون رکندي حڪمرانن اکيون نه کوليون ته اهي سڀ مشقون برطانيه ۾ به ٿي سگهن ٿيون، جيڪي انتهائي ڀوائتيون ۽ ڊيڄاريندڙ هونديون. ٻن شهرن جي آکاڻي يعني پئرس ۽ لنڊن تي مشتمل ڪهاڻي جو ڦهلاءُ هن انتهائي سهڻي اسلوب سان ڪيو آهي.

ڊڪنس جي هن ناول جو اهي ابتدائي سٽون جڏهن به منهنجي ذهن جي اسڪرين تي عيان ٿينديون آهن ته هميشه زندگي هِڪ پينڊوليم جيان لڳندي آهي، گهڙي هِڪ پاسي ته گهڙي ٻئي پاسي. آهي به ائين ماڻهو ڪڏهن به هِڪ ڪيفيت ۾ رهي نٿو سگهي. ڪڏهن مسرت وچان دلربائي ٽهڪ ڏئي ٿو ته ڪڏهن پنهنجي ڳلن کي ڳوڙهن جي مالها پارائي ٿو. ڪنهن سمي زندگي بهار جو جهوٽو محسوس ٿئي ٿو ته ڪنهن سمي سرءُ جي ساڙيندڙ لُڪ. ڪڏهن ڪو وڻ گلن ۽ ساون پَنن سان ڀَريل ڏسجي ٿو ته ڪڏهن ساڳيا زندگي سان ڀرپور پَن ماڻهو جي بوٽن هيٺيان ڪوڪون ڪندي ساهه ڏين ٿا.

طارق عالم پنهنجي ڪتاب ڪالم ڪهاڻي ۾ هِڪ هنڌ لکيو آهي ته مون کي منافق ماڻهو هر دفعي هِڪ ئي ڪيفيت ۾ مليا آهن. يعني هر وقت خوشي جو درس ڏيندڙ ۽ پاڻ ۾ خبر ناهي ڪهڙين ڳالهين جي ڪري سدائين هِڪ ڪيفيت ۾ رهڻ وارا.

اسان وٽ اڄ به حالت ڊڪنس جي ناول ٻن جاڙن شهرن جي آکاڻي جي شروعاتي سٽن جيان ئي آهي. هڪ طرف امراءُ ۽ اشرافيه جي دنيا آهي، جيڪي پيدا ٿيڻ ۽ مرڻ جو مقصد صرف ۽ صرف ٻين کي آزارڻ ۽ پنهنجي طاقت جي ٻل تي هميشه هر ٻئي ماڻهو کي محڪوم سمجهڻ ۽ ان تي سبقت حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن. ٻيو طبقو آهي وچولو طبقو جيڪو هڻ وٺ ۾ پورو هوندو آهي، غريبي کان پيڇو ڇڏائڻ جي چڪر ۾ ۽ شاهوڪار ۽ امير Elite ٿيڻ جي فوبيا ۾ هميشه Tug of war رساڪشي ۾ رڌل. ٻيو طبقو آهي اٽي، اجهي ۽ لٽي جي پورت لاءِ پريشان، جنهن جو زندگي جي ٻئي ڪنهن به ڪاروهنوار سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي. هو فقط اِهو چاهيندا آهن ته اڄوڪو ڏينهن ڍؤ تي ماني ملي وڃي، سڀاڻي ڏٺو ويندو؟ ڀلا گهر کان نڪري توهان پاڻ انهن خانه بدوش ماڻهن تي هِڪ لمحي لاءِ غور ڪريو، ڇا انهن کي اِها فڪر ۽ پريشاني آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪير اڪثريت سان کٽيندو؟ ايندڙ حڪمران ڪير هوندو؟ پاڪستان پهريون اسلامي نيو ڪليئر طاقت رکندڙ ملڪ آهي؟ انهن جا ٻار اسڪول ڇو نٿا وڃن؟ انهن جي ڪا عبادتگاهه ناهي؟ هنن ڪڏهن منرل واٽر جي بوتل مان پاڻي پيتو هجي؟ هنن ڪڏهن ڇري ڪانٽي سان کاڌو کاڌو هجي؟ ايندڙ حسن جو مقابلو ڪهڙي حسينا کٽيندي؟ اسٽار پلس جي ڪروڙن جي ڪمائي جو سبب سسُ ۽ نُنهن جا جهيڙا آهن. پاڪستان ۾ پرڏيهي رانديگر راند ڇو نٿا کيڏن؟ اهڙا ڪئين سوال ۽ بيان آهن، جن تان انهيءَ مخلوق جو ڪوبه تعلق ناهي. هاءِ ڪلاس، لور ڪلاس، بلڪه ڪلاس ليس ماڻهن جي هِڪ ئي سئي سان ٻَڌل هوندا آهن، ٻنهي جو گهڻن ئي ڳالهين ۾ گهرو تعلق آهي. ٻنهي وٽ اختلافيات جا معيار ساڳيا آهن؟ ريتن رسمن ۽ ثقافتي ٻنڌڻ صرف وچولي طبقي لاءِ آهن.

مشهور ٽي وي آرٽسٽ طارق عزيز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته جڏهن هو پهريون ڀيرو ايم اين اي چونڊيو ويو ته هن کي پوري رات ننڊ ڪونه آئي. هن جي اورا کورا جو عالم نه هو، هن کي سوچون ورائي ويون ته سڀاڻي قسم کڻڻ دوران ماڻهو هن جي شهرت کان متاثر ٿي هن کان آٽوگراف وٺندا ۽ طارق عزيز نيلام گهر وارو چئي چنبڙي ويندا. هو اِهو سڀ ڪجهه سوچيندي هِڪ عجيب نرگسيت ۾ وٺجي ويو. صبح جو قسم کڻڻ کانپوءِ ڪنهن هن ڏانهن ڪنڌ ورائي ڪونه ڏٺو، هن کي ڏاڍي مايوسي ٿي. چي يار آئون ايڏو وڏو ڪمپيئر آهيان، ماڻهو ڏسڻ ئي گوارا ڪونه ٿا ڪن، هي ڪهڙي مخلوق آهي؟ نيٺ پنهنجي انا هٿان گرفتار ٿي هن هڪ ٻن ماڻهن کي پاڻ پنهنجو تعارف ڪرايو ته هو طارق عزيز آهي ۽ مشهور پروگرام نيلام گهر جو اڪيلو ڪمپيئر“ انهن ماڻهن چيو ته ڀائو ڪهڙو طارق عزيز؟ ڪهڙو نيلام گهر؟ مون کي ته ڪا خبر ناهي، آئون ڄائو نپنو آمريڪا ۾ آهيان، بابا ڇهه مهينا اڳ گهرايو آهي ته اليڪشن ۾ هيل توکي Contest ڪرڻو آهي، مون کي ڪا خبر ناهي ته اوهان ڪير آهيو ۽ پي ٽي وي ڇا آهي؟ ”آئون ڪڏهن ٽي وي ڏسان ئي ڪونه. بلڪه اڪثر ائين پندرنهن ڏينهن دبئي، سينگاپور ۽ يورپ هليو وڃان، هينئر اليڪشن آهي، سو سوچيم ته هاڻ گهڻو رولاڪي ٿي وئي، سو ڪو ڪيريئر جي شروعات ڪجي؟“ اهي ۽ اهڙا ڪيئي گفتا طارق عزيز کي منهن تي چماٽ ٿي لڳا. هو خاموش ٿي ويو. تنهن ڪري اسين ماڻهو خوامخواهه illusions جو شڪار ٿيڻ بجاءِ پنهنجي اوقات ۾ رهون ته بهتر آهي. اسان وٽ سياست به او ايل ايڪس جي دوڪان جيان آهي، جتي خريد و فروخت فري آهي هر شيءِ جي، جنهن جي ذريعي طاقت جي سنگاسن تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي.

ڊڪنس جي ناول ٻن شهرن جي آکاڻي جي ابتدائي سٽن جو Paradox هر هنڌ ۽ هر وقت فٽ ۽ فڪسڊ ڏسجي ٿو، ڏسڻو اِهو آهي ته ڪرولا جي اڳئين سيٽ تي ويهاريل آفيسر جو ٽوال ويڙهيل پالتو ڪتو وڌيڪ عزت وارو آهي يا روڊ جي پاسي تي ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ کان چور جهور پوڙهو گلن جا گجرا کپائيندڙ مزدور؟ اڄوڪي دور جي نوجوان نسل آڏو ڊڪنس جي ناول ٻن شهرن جي آکاڻي جون ابتدائي سٽون سينو کولي بيهن ٿيون.

 

سنڌ سرڪار جو کنيل ساراهه جوڳو قدم…!

اِها خبر يقينن سنڌ جي انهن لکين بيروزگارن لاءِ سرهائيءَ جو سبب بڻبي ته سنڌ سرڪار پاران نوڪرين تان پابندي هٽائي وئي آهي تنهن ڪري جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ آسري ۾ ويٺل هئا ته سرڪار ڪڏهن ٿي کين موقعا فراهم ڪري ته جيئن اُهي پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ سان گڏ پنهنجي ڌرتي توڙي ماڻهن جي خدمت لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن انهن لاءِ هي اعلان ڪنهن خوشي کان گهٽ نه آهي.

جيتوڻيڪ روزگار انسان جي بنيادي حقن ۾ اوليت جو درجو رکي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اهڙي حق تي مسلسل پابندي هجڻ سبب بيروزگاري جي انگ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، جنهن سان هڪ طرف سماج مان سهپ ۽ صبر موڪلائي رهيو آهي ته ٻئي طرف ڏوهاري سرگرمين ۾ پڻ تمام گهڻو واڌارو ٿيو آهي. اها صورتحال سڌريل سماجن لاءِ ڳڻتيءَ جو باعث هوندي آهي ۽ اُهي انهن جي حل لاءِ سدائين ڪوشان هوندا آهن، پر اسان سان قصو اُلٽ آهي جو هڪ طرف اسين گهڻ آبادي رکندڙ خطو آهيون ته ٻئي طرف روزگار جي وسيلن ۾ جيئن پوءِ تيئن ڏڪار ايندو رهي ٿو. آباديءَ کي نظر ۾ رکندي حڪمرانن کي جيڪي پاليسيون جوڙڻ گهرجن ها يا روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪرڻ گهرجن ها، اُنهن جو هن وقت تائين فقدان ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي. اِها به حقيقت آهي ته هڪ ئي وقت تي سڀني بيروزگارن کي نوڪريون ڏيڻ ڪنهن به حڪومت جي وَس جي ڳالهه ناهي هوندي، نه ئي سڀئي ماڻهو سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، پر روزگار کي بنيادي حق سمجهندي سرڪار جيڪڏهن ماڻهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته هوند بيروزگارن جي چڱي خاصي انگ کي هڪ عزت ڀريو جياپو مهيا ڪري سگهجي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان اسان جي حڪمرانن، ماڻهن آڏو پاڻ کي ڪڏهن به اهڙي ريت ذميوار ناهي سمجهيو جو اُهي ماڻهن جي روزگار واري حق کي سنجيدگيءَ سان وٺن.

هن ڀيري جيتوڻيڪ ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ اُميد اِهائي ڪجي ٿي ته اهل ماڻهن کي موقعا فراهم ڪيا ويندا ته جيئن اُهي قوم توڙي مُلڪ جي بهتريءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن، پر انهيءَ حوالي سان ماضيءَ جا تلخ تجربا اسان کي ٻُڌائين ٿا ته اهڙن اعلانن تي عمل ڪجهه گهٽ ئي ڪيو ويندو آهي. اُن جو مثال تعليم توڙي مڪاني کاتي جا اُهي 50 هزار ملازم آهن، جيڪي اڄڪلهه سراپا احتجاج بڻيل آهن، جن جون پگهارون اِهو چئي بند ڪيون ويون آهن ته اُهي غير قانوني ڀرتي ٿيا آهن. ممڪن آهي ته سرڪار انهيءَ معاملي ۾ سچي به هُجي، پر اُنهن کي اِهي نوڪريون ڪنهن ڏنيون ۽ اهڙيون نوڪريون ڏيندڙن خلاف حڪومت هن وقت تائين ڪهڙو قدم کنيو آهي؟ جيڪڏهن غير قانوني ڀرتيون ڪندڙن کي ڪا جوڳي سزا ڏني وئي هُجي ها ته پوءِ اِها ڳالهه پَڪ سان چئي پئي سگهياسين ته هن ڀيري ضرور ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وينديون، پر افسوس ته سرڪار اهڙن ماڻهن خلاف جو خاطر خواهه قدم ناهي کنيو.

بهرحال سڀني ڪچاين باوجود نوڪرين تان پابندي هٽائڻ واري سرڪار جي اعلان کي اسين انتهائي وقتائتو سمجهون ٿا، ڇو جو نوڪرين تي مسلسل پابنديءَ سبب سماج بند گهٽيءَ ڏانهن ويندي نظر اچي رهيو هو ۽ نوجوان فراريت واسطي نشو واپرائڻ سان گڏوگڏ ڏوهاري سرگرمين جو پڻ حصو بڻجي رهيا هُئا. تنهن ڪري هن تازي اعلان سان اُنهن ماڻهن جي اکين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جيئڻ جي جوت جاڳي پئي هوندي، پر اُنهيءَ لاءِ ضروري آهي ته نوڪرين جي هن عمل کي جيترو ممڪن ٿي سگهي صاف ۽ شفاف بڻايو وڃي ته جيئن مناسب ماڻهن جي چونڊ سان سڀني کاتن ۾ بهتري آڻي سگهجي.