تازيون خبرون

Daily Archives: September 21, 2014

چيمپئنز ليگ ٽي -20، چنائي سپر ڪنگز ۽ دولفنز جون ٽيمون اڄ امهون سامهون ٿينديون

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) چيمپئنز ليگ ٽي – 20 22slide2۾ چنائي سپر ڪنگز ۽ ڊولفنز جي ٽيمن وچ ۾ ميچ (اج) سومر تي چناءِ سوامي اسٽيڊيم بينگلور ۾ کيڏي ويندي، تفصيل موجب سي ايل ٽي 20 جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۾ جاري آهن، اڄ واحد ميچ گروپ اي جي ٽيمن سپر ڪنگز ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻئي ٽيمون پنهنجي پهرين ميچ هارائي چڪيون آهن، چنائي کي ڪولڪته جڏهن ته دولفنز کي پرٿ هٿان سڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ايونٽ ۾ (سڀاڻي) اڱاري ڏينهن تي گروپ بي ۾ آسٽريليا جي هوبارٽ هريڪينز ۽ نيوزيلينڊ جي ناردرن ڊسڪٽر وچ ۾ ميچ کيڏي ويندي.

 

ايشين گيمز ۾ وومينز هاڪي ايونٽ جي شروعات اڄ ٿيندي

انچيون (اسپورٽس نيوز) 17هين ايشين گيمز وومينز هاڪي ايونٽ جي شروعات (اج) سومرتي ٿيندي، افتتاحي ميچ چين ۽ ملائيشيا وچ ۾ کيڏي ويندي. وومينز ايونٽ ۾ 8 ٽيمون سون جا ٻلا حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون، جن ۾ چين، ملائيشيا، ڀارت، ٿائلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، جاپان، قزاقستان ۽ هانگ ڪانگ شامل آهن، پهرين ڏينهن 4 ميچن جو فيصلو ٿيندو، گروپ اي جي پهرين ميچ ۾ چين جو مقابلو ملائيشيا، ٻئين ميچ ۾ ڀارت جو مقابلو ٿائلينڊ سان ٿيندو، ساڳي ڏينهن گروپ بي جي پهرين ميچ هانگ ڪانگ ۽ جاپان جڏهن ته ٻين ميچ ڏکڻ ڪوريا ۽ قزاقستان وچ ۾ کيڏي ويندي

 

ايشين گيمز ۾ مينز فٽبال ۾ پاڪستان پنهنيج ٻئين گروپ ميچ (اڄ) چين خلاف کيڏندو

انيون (اسپورٽس نيوز) 17هين ايشين گيمز 2014ع ۾ مينز فٽبال ايونٽ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي ٻئين گروپ ميچ (اڄ) سومر تي چين خلاف کيڏندو. ڏکڻ ڪوريا ۾ جاري ميگا ايشين گيمز ۾ پاڪستاني ٽيم کي گروپ ايف ۾ اتر ڪوريا ۽ چين سان گڏ رکيو ويو آهي، گرين شرٽس کي پهرين ميچ ۾ اتر ڪوريان هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. قومي ٽيم لاءِ چين خلاف ميچ اهميت واري آهي ڇو جو ايندڙ رائونڊ تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان کي ان ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي،

 

قومي ٽي – 20 ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ 4 ميچون کيڏيون وينديون

اسلام آباد(شوبز نيوز) پي سي بي جي انتظام هيٺ قومي ٽي – 20 ڪرڪيٽ ڪپ ۾ (اڄ) سومر تي وڌيڪ چار ميچون کيڏيون وينديون، تفصيل موجب قومي ٽي – 20 ڪپ جا دلچسپ مقابلا نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري آهن ۽ (اڄ) سومر تي پهرين ميچ آزاد ڪشمير جيگهه ۽ اسلام آباد دليپرڊز وچ ۾ کيڏي ويندي. ٻئين ميچ ايبٽ آباد فالڪنز ۽ بهاولپور اسٽيگز، ٽئين لاهور لائنز ۽ ڊيره مراد جمالي جڏهن ته چوٿين ميچ لاهور ايگلز ۽ پشاور پينٿرز وچ ۾ مقابلو ٿيندو، ايونٽ ۾ (سڀاڻي) اڱاري تي وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو.

 

ڪانوَ کي لُڙَ ۾ مزو…!: مهتاب اڪبر راشدي

ملڪي حالتن ۾ گذريل هڪ مهيني کان جيڪو ڀونچال آيل آهي، تنهن جي پُڄاڻي اڃان ڪانه ٿي آهي. ساڳيا ڌرڻا، ڪنٽينر سياست ۽ انهن مٿان بيهي، اڌ ڀريل ۽ اَڌُ خالي ڪُرسين کي عمران خان ۽ طاهر القادري جا لاڳيتا ڀاشڻ جاري آهن.

ان وچ ۾ حڪومت ۽ ٻين پارٽين جي مشاورت سان ٺاهيل ”جرڳا“ به ڪنٽينر مٿان لهڻ چڙهڻ ۾ پورا آهن، هڪ عجيب منطق تحت هي معاملو هلي پيو مون کي مشتاق سعيد جون ڪي سٽون ياد پيون اچن، جيڪي هُن ته ڪنهن ٻي ڪيفيت ۾ لکيون هونديون، پر اِهي هن سياسي منظر نامي تي پوريون لهن ٿيون.

منهن جو تعلق به توهان سان

مثال، شمس و قمر آهي

ڇو جو رابطو به مسلسل

۽ فاصلو به مسلسل

(مشتاق سعيد)

تحريڪ انصاف کي حڪومت ڪپرائڻي به آهي. هو حڪومت کي مڃڻ کان به انڪاري آهن، سول نافرمانيءَ جي (ناڪام) تحريڪ جو به سڏ ڏئي چڪا آهن پر وري ٻئي طرف ساڳي حڪومت جي آشيرواد سان جوڙيل ڪميٽيءَ کي آڌر ڀاءُ به چون ٿا ۽ ڳالهين جو سلسلو به ڳنڍيون ٿا اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو به اڃا ڪو کڙ تيل نڪرندي نظر نه ٿو اچي. ڳالهه اچي عمران خان جي ضد تي اٽڪي بيٺي آهي. جنهن ۾ نواز شريف جي استعيفيٰ کان سواءِ، هو ٻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

ان حساب سان ته هي ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهچندي نظر نه ٿيون اچن، ڇو ته عمران خان، پاڻ کي سياستدان سڏرائڻ جي باوجود، سياست جي ان بنيادي گهرجن يا وصفن کان عاري ٿو نظر اچي. جنهن تحت ڪنهن به گهوٽالي يا مشڪل مان نڪرڻ لاءِ گفت وشنييد جو دروازو کُليو رکڻ ضروري هوندو آهي.

ان کان علاوه، جيڪڏهن توهان جي سوچ ۽ روئي ۾ لچڪ ناهي ته پوءِ ڪنهن به مسئلي جو حل نڪرڻ جيڪڏهن ناممڪن نه ته ڏکيو ضرور آهي. اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۽ پارليامينٽ هائوس جي سامهون خيما کوڙي ۽ ڪنٽينر بيهاري، ٻن ماڻهن طرفان حڪومت جي ڪرڻ  جو انتظار ڪرڻ وارن طرفان اهو بي لچڪ طريقاڪار اختيار ڪرڻ سبب، هڪ ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ائين ٿو لڳي ته، هميشه جيان، اسان بنا  سوال جواب جي جهڙين تهڙين حالتن سان سمجھوتو ڪري زندگي گهارڻ جا عادي ٿي ويا آهيون.  اسان جي زندگين ۾ ايم ڪيو ايم جي هڙتالن، ڪرفيو ۽ احتجاجن کانپوءِ هاڻي عمران ۽ طاهر القادري جا ڌرڻا به شامل ٿي چڪا آهن. بلڪه هاڻي ته ايم ڪيو ايم به ماشاءَ الله اُنهن جي نقشِ قدم تي پئي هلي. تحريڪ انصاف وارن، الطاف حسين جي ”نون انتظامي يونٽس“ جي جواب ۾ جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي، تنهن ۾ هنن، ايم ڪيو ايم جي ان گهرج کي رد ڪري ڇڏيو آهي. تنهن جي خلاف هو ڪيئن چپ ڪري ويهندا؟ کين جواب ڏيڻ لاءِ هنن به تحريڪ انصاف وارو نسخو استعمال ڪندي ڪالهه ڇنڇر تي ٽن تلوارن واري هنڌ تي ڌرڻو ڏنو، نتيجي ۾، سڄي خلقِ خدا آزار ۾ آئي، ڪلفٽن جي ان مصروف شاهراهه تي ان ڌرڻي جي نتيجي ۾ ماڻهن سان جيڪا ويڌن ٿي ان جي ڪار گذاري به توهان ڏسي چڪا هوندئو.

هن مهل اسان جي ملڪ اندر هڪ ئي وقت ۾ ٻه ٽي ڊراما پيا هلن، ڌرڻا، برساتيون ۽ سيلاب ۽ وري تازه ترين ڊرامو (هميشه وانگر) لنڊن پراڊڪشن آهي. عمران خان جي عجيب و غريب ڌرڻي ته ڪئي رخ اختيار ڪيا آهن، خان صاحب جيڪو هڪ هفتي اندر، امپائر جي آڱُر کڄڻ جو منتظر هيو، سو ماڻهن کي آسرا ڏيندي ڏيندي، هڪ مهينو گذاري چُڪو آهي. ايتري ڊگهي اِننگ کيڏڻ جي ته کيس به توقع نه هئي. پر لڳي ايئن ٿو ته، کيس ۽ مولانا کي آسرا ڏيڻ وارا (شايد) قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ ڊگهن گڏيل اجلاسن ۾ ٿيندڙ تقريرن ۽ پارٽين طرفان مشترڪه حڪمت عملي ٺهندي ڏسي. في الحال ڪنهن به مانڌاڻ ۾ واڌاري ڪرڻ کان پاسو ڪري ويا آهن. ان ڪري هاڻي طاهر القادري ڌرڻي جي ”چاليهي“ ٿيڻ تائين وري ماڻهن کي ڪنهن خوشخبري ٻڌائڻ جو اشارو ڏنو آهي. ميڊيا به آهستي آهستي، ٻنهي کي براهِ راست ڏيکارڻ جي ٽائيم ۾ ڪمي آڻيندي پئي وڃي.عالمانه تقريرون ڪندڙ، مولانا قادري کي بُشَ پٺاڻ کي پنهنجو مائيڪ هٿ ۾ ڏئي، سندس فرمايل گفتن جي ترجمي تي اچي لٿو ۽ چيائين ته هي صاحب جنهن جون ٽي شاديون اڳ ۾ ٿيل آهن سو، اڄ اسان سان هن انقلاب مارچ ۾ ان ڪري اچي شامل ٿيو آهي ته، جيئن ئي انقلاب ايندو ته هيءُ همراهه، ان جي خوشيءَ ۾ وڃي فورن چوٿين شادي ڪندو. ان مان اسان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته هنن وٽ ڳالهائڻ لاءِ باقي ڪهڙا موضوع وڃي رهيا آهن؟

هلندڙ ڊرامن مان في الحال تازه ترين، پر هونئن گهميل پٽيل ڊرامو، ايم ڪيو ايم جي دل جو آواز سنڌ مان هڪ ٻئي صوبي ٺاهڻ جو آهي. پوئين سڄي مهيني ۾ تحريڪ انصاف جي مارچ ۽ ڌرڻي ۽ گڏوگڏ طاهر القادري جي انقلاب مارچ جي ڪري حڪومت سميت سڄي قوم جو توجهه بشمول اخبارن ۽ ٽي وي جي انهن جي طرف مرڪوز رهيو. اها صورتحال، لنڊن واري ليڊر صاحب کان هضم ٿيڻ ڏکي رهي. ان کان علاوه حڪومت طرفان جوڙيل جرڳي ۾ به هنن جو ڪو نمائندو ڪونه کنيو ويو. ان وچ ۾ اهو، حسبِ عادي، پنهنجي طرف ڪڏهن حڪومت کي ته ڪڏهن ڌرڻي وارن کي پنهنجن زرين مشورن سان نوازيندو رهيو ۽ کيس نه ٻڌڻ جي صورت ۾ دڙڪا به ڏيندو رهيو.اسان اِهو به ڏٺو آهي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم جي اندر ڪو اندروني خلفشار پيدا ٿيندو آهي، يا کين ڪٿان ڪنهن پريشر کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته هو ڪو اهڙو شوشو ڇوڙيندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ سڄو ملڪ هنن ڏانهن متوجهه ٿي ويندو آهي.ڪراچيءَ  ۾ جماعت اسلامي جي غير موثر ٿيڻ کانپوءِ پوئين اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف ئي هنن جي طاقت کي للڪاريو. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي مستعدي، بي خوفي ۽ ٻڌيءَ جي ڪري چار سيٽون کٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهتا آهن. ان ئي ڪراچي ۾ عمران خان پوئين سال، قائد اعظم جي مزار ويجھو گرائونڊ ۾ هڪ وڏو ڪامياب جلسو پڻ ڪري ويو. ۽ هاڻي هو، ڪراچي وارن کي جاڳائڻ لاءِ، پنهنجو ڌرڻو ڇڏي، ڪراچي اچي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم وارا، ان کي ڪو سولو گسُ ته نه ڏيندا، سو ڌرڻي واري جو استقبال ڌرڻي سان ئي ڪيو پيو وڃي، پر هڪ ڳالهه کي نوٽ ڪيو وڃي ٿو ته اِهو ڌرڻو ايم ڪيو ايم جي طرفان نه، بلڪه سِول سوسائٽي طرفان ڪيو پيو وڃي. جنهن جو اعلان ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم اين اي خوش بخت شجاعت ڪيو ۽ اڳواڻي به اُهائي پئي ڪري. هاڻي ان کان اِهو پڇڻو پوندو ته هوءَ ڪڏهن کان سياست ڇڏي وري ”سول سوسائٽي ۾ شامل ٿي آهي. ڪجهه عرصي کان ايم ڪيو ايم اندروني خلفشار جو شڪار رهندي پئي اچي. سندس انگلينڊ ۾ رهندڙ ليڊر جي عمران فاروق جي قتل ۾ مُلوث هئڻ، کانئس، اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پچا ڳاڇا ۽ ضمانت تي رهائي پاڻ کان علاوه، پارٽي لاءِ پڻ ڳڻتي جو سبب آهي. اهو منظر عام تان هٽي ويو ته سندس جاءِ ڪير وٺندو؟ وقت اچڻ تي انهن سڀني ڳالهين جا جواب ته ملي ويندا، پر هزارين ميل پري ويٺل بيمار ليڊر شايد پارٽيءَ مٿان پنهنجي گرفت کي ڪمزور پيو محسوس ڪري. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن به ڪا صورتحال بدلبي نظر ايندي آهي ته هن جو پهريون ڏنڊو، پنهنجي رابطا ڪميٽيءَ تي وسندو آهي. ٻي نمبر تي سندس ڌمڪي ايندي آهي ته بس! هاڻي مان قيادت تان دستبردار ٿو ٿيان. اڪثر ئي ان اعلان جو وقت هتي رات جو وچ يا پويون پهر هوندو آهي. ان اجلاس ۾ رابطي ڪميٽيءَ وارا يا ته عوام جو ڪُٽڪوڏ کائيندا آهن (جيئن پوئين دفعي، فاروق ستار ۽ ڪمال مصطفيٰ کاڌو) ۽ ملزمن وانگر ڪنڌ جھُڪائي ويٺا هوندا آهن. الطاف جا ديوانا، ليلڙائي کيس منٿون ڪندا آهن ته هو پنهنجو فيصلو واپس وٺي، ڇو ته هنن کي ”منزل“ نه (الائي ڪهڙي؟) پر رهنما کپي، پوءِ ڪلاڪ ٻه منٿون ڪرائڻ کانپوءِ هو پبلڪ جي بيحد اصرار تي، پنهنجو فيصلو واپس وٺي ”ساڳي پگهار“ تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. هن دفعي به اهو ڊرامو ٿي گذريو ِآهي. رابطا ڪميٽي معطل آهي به ناهي به. ساڳي پگهار تي اُهي به ڪم پيا ڪن. پر ان سڄي معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هن وري سنڌ ۾ ممڻ مچائڻ لاءِ پنهنجي اندر جي بدنيتيءَ کي اوڳاڇي ڪڍيو. هن دفعي هڪ ٻيو اکر استعمال ڪيو ويو آهي. بجاءِ نئين صوبي ٺاهڻ جي ”انتظامي يونٽس“ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. انتظامي يونٽ ته ضلعو ، هڪ ڊويزن به ٿي سگهي ٿي. جيڪي وقتن فوقتن، ٺهندا، ڊهندا ۽ وڌندا، گهٽبا رهندا آهن. پوءِ هي ڇا جي تقاضا پيا ڪن؟اسان کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته هنن جي دماغ ۾ فتور ئي ٻيو آهي.  اسان کي هنن جي نيت جي خبر آهي پر هنن کي خبر هئڻ گهرجي ته (خدانخواسته) سنڌ جي تقسيم اهڙي به سولي ڪانهي. سنڌ اَڪ جي ماکي ناهي جو هر ڪو ان کي لاهي وٺندو. هونئن ڀلي سنڌي پاڻ ۾ کڻي هڪ ٻئي جون ٻوٽيون پٽي کائن، پر پنهنجي ڌرتيءَ مٿان گهور ٿيڻ جي سُتي ماءُ هنن کي ڄمندي ئي پياري آهي. واري وٽيءَ سان سنڌ جي وزيراعليٰ ٿيڻ واري رٿ ڏيڻ وقت هنن کان قانوني ۽ آئيني تقاضا وسري ٿا وڃن ته اسيمبليءَ ۾ موجود اڪثريتي پارٽي ئي پنهنجو وزيراعليٰ منتخب ڪندي آهي. جي هنن وٽ ايتريون سيٽون هونديون ته سندن اِها خواهش سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ٺاهڻ لاءِ پوري ٿي سگهي ٿي. پر اوڏي مهل هنن جون زبانون ڇو بند آهن، جڏهن سنڌ جي گورنر جي ڳالهه ٿي ٿئي، جيڪو ٽن حڪومتن کان مسلسل  گورنريءَ تي فائز آهي. مشرف جي دور کي ڇڏيون ٿا. پر پيپلزپارٽي جي ڪهڙي مجبوري جو هو هن کي رکيون آيا؟. نواز شريف کي ڪهڙو مٿي ۾ سور پيو  آهي، جو ان جو گذارو به ”هنن“ جي گورنر کان سواءِ نٿو ٿي سگهي؟ گورنر ته وفاق جو نمائندو هوندو آهي. پر سنڌ جي گورنر هميشه هڪ  سياسي پارٽيءَ جي نمائندگي پئي ڪئي آهي. گورنر هائوس ۾ پارٽيءَ جا اجلاس ٿيندا رهيا آهن ۽ اها به سڀني کي خبر آهي ته سنڌ جو گورنر هائوس ته هلندو ئي لنڊن ٽائيم مطابق آهي. سو انتظامي تقسيم ۽ انتظامي يونٽس واري اهڙي قسم جي رِٿَ ڪهڙي بنياد تي پيش ڪئي پئي وڃي. قانوني ۽ آئيني تقاضائن مطابق ته پهرين ان صوبي مان اهڙي قرار داد اڪثريت راءِ ۽ قومي اسيمبلي مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ٿيڻ لازم آهي.ايم ڪيو ايم پهرين ايتري عددي اڪثريت ثابت ڪري، پوءِ اڳتي ڳالهائي. باقي سندن زور زبردستي ۽ ڏاڍ ۽ بليڪ ميلنگ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ته ڪارگر ٿي سگهي ٿي، باقي نئين صوبي جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ کين ڏهه دفعا نه بلڪه هزار دفعن کان به وڌيڪ سوچڻو پوندو. ڪٿي ائين نه ٿئي جو سندن هڪڙي ڌرڻي جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ هنڌين ماڳين اهڙا ڌرڻا لڳي وڃن جو نئين صوبي جا خواهشمند رڳو هڪ شهر ۾ ئي محصور ٿي رهجي وڃن.سنڌ جي ڏاهي، محمد ابراهيم جوئي جي بيان تي غور ڪيو ۽ سندس وضاحت ڪيل صوبن جي هيئت ۽ وصف تي غور ڪيو.صوبن ۾ وسڻ لاءِ هڪ قوم جي ضرورت هوندي آهي. هن سياسي پارٽي هلندي هلندي، ڀلي کڻي پنهنجو پهريون نالو مهاجر قومي موومينٽ مان مٽائي، ان کي ”متحده“جي شڪل ڏني پر، اڄ وري هو پنهنجي اصليت طرف موٽيا آهن ۽ وري ڦري ”مهاجر“  ٿيا آهن. هاڻي دنيا اِهو فيصلو ڪري ته ”مهاجر“ ڪهڙي قوم آهي؟

چوندا آهن ته ”ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو“ اسلام آباد ۾ هلندڙ سياسي بحران تان ڌيان هٽائڻ ۽ ڪئميرائن جو رخ پنهنجي طرف ڪرڻ لاءِ هنن کي اهو ئي بهترين وقت نظر آيو آهي، پر اسان لاءِ ته لمحو لمحو جاڳڻ جو آهي. سنڌ جي حڪومت کين ڇا ٿي جواب ڏئي؟ پر هنن جي “مصلحت ۽ مفاهمت“ جي سياست جي وَرِ ان مسئلي کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهجي؟ پر مون کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻچي ٻچي تي يقين آهي ته اهو

ساهه ڏيندو، ويساهه نه ڏيندو

جان ڏيندو، وطن نه ڏيندو

وڏو ضدي آهي، ڇو ته

سنڌي آهي

اهو ئي يقين، ۽ عمل، ڌرڻن وارن جي لفظن جو جواب ٿيندو. ۽ جنهن ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو ايندو آهي، سو سياڻو ڪانوءُ ٻه ٽنگو به ڦاسندو آهي.

 

ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ سنڌ حڪومت جو فرض آهي

ٻوڏ جو پاڻي پنجاب ۾ تباهي آڻڻ کانپوءِ هاڻ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه درياء جي بندن جي حفاظت جو پنهنجي سر جائزو وٺڻ لاءِ مختلف هنڌن تي پهچي بند مضبوط هجڻ ۽ ٻوڏ جو پاڻي خير سان لنگهي وڃڻ بابت سنڌو درياء جي ڪنارن تي ويٺل ماڻهن کي آٿٿ ڏيندو رهيو آهي ٻوڏ جو ايندڙ متوقع پاڻي سنڌ ۾ تباهي آڻيندو يا خير سان مَٽي ويندو تنهن جي خبر تڏهن پوندي جڏهن پاڻي سنڌ مان لنگهندو ۽ بنا ڪنهن نقصان پهچائڻ جي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو پر جيڪڏهن ڪٿان ڪو بند ڀڄي پيو يا ڪنهن علائقي کي بچائڻ لاءِ درياء جي بند ۾ هٿ سان ڪٽ هڻڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ جيڪا تباهي ايندي اها به ڏسڻ وٽان هوندي ماضي ۾ سال 2010 ۾ آيل ٻوڏ سنڌ واسين کي هڪ وڏو سبق ڏئي چڪي آهي جن ماڻهن کي وهم ۽ گمان به نه هو ته انهن جي ڳوٺن ۽ شهرن وٽان ٻوڏ جو پاڻي لنگهندو تن ڳوٺن ۾ اوچتو سنڌو جو پاڻي گهرن جي ڇتين کي ڇهڻ لڳو ته هر طرف زاري مچي وئي ته ٻئي  طرف حڪومت به وائڙي ٿي وئي ڇاڪاڻ ته هڪ  طرف ٻوڏ جو پاڻي ”آدم بوءِ آدم بوءِ“ ڪندو سنڌ جي وسندين کي لتاڙيندو چيڀاٽيندو اڳتي وڌي رهيو هو ته ٻئي طرف حڪومت کي ميڊيا، اين جي اوز ۽ متاثرين هاءِ گهوڙا مچائي ٻين لفظن ۾ ڇتو ڪري ڇڏيو هو. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن هن ڀيري به ساڳئي صورتحال پيدا ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو، اڳ ۾ مرڪزي سرڪار به پ پ  وٽ هئي جڏهن ته هاڻ سنڌ سرڪار کي ئي سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي. هن ڀيري جيڪڏهن سنڌ سرڪار ٻوڏ سٽيلن جي ڪا واهر ڪري نه سگهي ته پوءِ عوام ۾حڪومت خلاف جيڪا ڪاوڙ وڌندي يا انهي ڪاوڙ مان ٽانگا پارٽيون ۽ اين جي اوز جيڪو فائدو وٺنديون تنهن جي شايد اڃا حڪومت کي خبر ئي نه هجي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي آمد جو ٻڌي اين جي اوز وارن ۾ ته خوشي جي لهر ڊوڙي چڪي آهي ۽ اهي گذريل هڪ مهيني کان ڪمپيوٽرن تي ڊونر ايجنسين کي اڳوڻي ٻوڏ واريون تصويرون ڏيکاري اها ڪوشش ڪرڻ ۾ رڌل آهن ته هن ڀيري سنڌ وڌيڪ تباهه ٿيندي ان ڪري اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ امداد ڏني وڃي. چيو وڃي ٿو ته ڊونر ايجنسين ۽ ڊونر ملڪن کي اڳ اهو وهم ويٺل هوندو هو ته حڪومت کي جيڪا امداد ڏني وڃي ٿي اهي ڪامورا 30 کان 40 سيڪڙو تائين هڙپ ڪري وڃن ٿا ان ڪري انهن اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ اهي ترقياتي ڪم غير سرڪاري تنظيمن کان ڪرايا وڃن ليڪن جڏهن ڪروڙين رپين جا فنڊ ڪاغذي اين جي اوز يا ليپ ٽاپ کي آڱرين سان نچائيندڙ ماهرن کي مليا ته انهن اهي فنڊ ٻئي مٿا چٽ ڪري ڊونر ايجنسين ۽ حڪومتن کي ”مٿي تي هٿ“ ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ڊونر ايجنسين ۽ ملڪن،  اين جي اوز کي سڌي ريت فنڊ ڏيڻ بجاءِ اطلاع آهن ته اهي ملڪ هاڻ خود ئي انهن ڏوڪڙن کي استعمال ڪرڻ گهرن ٿا انڪري اين جي اوز وارن کي اهي مهانگيون آفيسون، اعليٰ قيمتي گاڏيون ۽ انهن جو پئٽرول ۽ پنهنجن يارن دوستن کي وڏين پگهارن تي رکڻ وارو سڄو عمل ڳچي ۾ پئجي چڪو آهي ان ڪري اهي سخت پريشان آهن پر هاڻ جيڪا ٻوڏ اچي رهي آهي تنهن ۾ انهن کي روشني جا ڪجهه ڪرڻا نظر اچڻ لڳا آهن ۽ اهي دعا ڪري رهيا آهن ته سنڌو جو بند نه ٽٽو ته پوءِ  اسان رلي وينداسين. هڪ طرف اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف جن قوتن جا انهي ۾ مفاد آهن ته سنڌو جي بندن کي گهارا لڳڻ گهرجن ته جيئن انهن جا مفاد پورا ٿي سگهن ۽ انهن جي روزي روٽي جو به بندوبست ٿي سگهي.اسان هڪ طرف متوقع صورتحال کي اونهي نظر سان ڏسي چڪا آهيون ته ٻئي طرف اسان اهو منظر به اڳواٽ ئي ڏسي رهيا آهيون ته جيڪڏهن ڪو بند ٽٽو يا ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپن ڏانهن آمد شروع ٿي ته پوءِ انهن کي سرڪاري اسڪولن ۾ ئي ترسايو ويندو. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ هڪ طرف ٻارڙن جي تعليم هڪ ٻن مهينن لاءِ متاثر ٿيندي ته ٻئي طرف اهي متاثرين اسڪولن جي عمارتن ۽ فرنيچرن سان جيڪو حشر ڪندا اهو به ڪنهن کان لڪل ناهي گذريل ٻوڏ ۾ جن متاثرين کي اسڪولن ۾ رهايو ويو هو تن اسڪولن جا بورڊ، بئنچون ۽ ڪرسيون ڀڃي انهن تي يا ته هٿ سيڪيا يا ٽن وقتن جي چانهه ٺاهي پيتي جڏهن ته اها ڳالهه به رڪارڊ تي آهي ته انهن ٻوڏ متاثرين سائنس ليبارٽرين جا تالا ڀڃي ليب ۾ استعمال ٿيندڙ ”بيڪرن“ کي ذاتي استعمال ۾ آندو ۽ ايتري تائين جو اڪثر ماين ته مختلف دٻن ۽ شيشين کي سرمو، تيل ۽ ناس رکڻ لاءِ پڻ کڻي ورتو. هتي سوال اهو آهي ته ڇا اهڙا ٻوڏ متاثرين ڪنهن همدردي جا مستحق آهن؟ يا انهن کي وري به اسڪولن جي عمارتن ۾ ٽڪايو وڃي؟ بهرحال اهو هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو وڏو بحث ڇيڙي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اڃا تائين شهري شعور ايڏو پختو نه ٿيو آهي ۽ سرڪاري ملڪيتن تي عوام جي ۽ پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهڻ وارو تصور پيدا ئي نه ٿيو آهي ۽ جيستائين اهو شعور پيدا نه ٿيندو تيستائين اهو مسئلو حل نه ٿيندو هونئن به اسان جو ملڪ جاپان ته هر گز ناهي جتي جڏهن سونامي آيو هو ته سونامي کان متاثر ٿيل ماڻهن کي ترسا ئڻ لاءِ فائيو اسٽار هوٽلن کي خالي ڪرايو ويو هو ۽ انهن کي وي آءِ پي سهوليتون ڏنيون ويون هيون. ظاهر آهي ته اسان ٻوڏ متاثرين کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ترسائي نه ٿا سگهون پر ايترو ضرور ڪري سگهجي ٿو ته ٻوڏ متاثرين جي جوڳي سار سنڀال ڪئي وڃي ان لاءِ پهريائين ته ان ڳالهه جو بندوبست ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته ٻوڏ متاثرين ۾ ورهائڻ لاءِ آيل امداد کي ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ واري افراتفري جو شڪار ٿيڻ کان بچائن لاءِ بندوبست ڪيا وڃن جيڪڏهن ڪا ٽرڪ امداد ورهائڻ لاءِ اچي ته ان کي ائين رستي تي بيهاري متاثرين طرفان ڦر ٿيڻ لاءِ  ڪڏهن به نه ڇڏڻ گهرجي ائين ڪرڻ سان امدادي ٽرڪ ته خالي ٿي وڃي ٿي پر پوءِ جيڪو ڏاڍو آهي اهو مال ميڙيو وڃي جنهن جا گهر ڀاتي وڌيڪ آهن اهو وڌيڪ ڦر ڪريو وڃي جيڪو ڪمزور آهي ان کي ڌڪا ۽ ٿاٻا ملن ٿا، ڪنهن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿين ٿا  ڪٿي ٻار ۽ عورتون لتاڙجن ٿيون جيڪي ماڻهو ڳوٺ ۾ ته پنهنجي گهٽيءَ مان سئوٽ ماسات جي لنگهڻ تي کيس ڪهاڙي مان ڪڍندي دير ئي نه ٿا ڪن پر امداد ورهائڻ واري ڇڪتاڻ ۾ کين ڪنهن کي به اهو ياد نه ٿو رهي ته ڪنهن جي ننگ سان ڪهڙو حشر ٿي رهيو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي هڪ منظم بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن حقدارن کي سڪون سان نه رڳو امداد ملي سگهي پر حڪومت کي به ثواب ملڻ بدران پٽون ۽ پاراتا ملڻ شروع نه ٿي وڃن ۽ پوءِ اهڙي صورتحال مان انهن ٽانگا پارٽين کي سگهه ملي جيڪي اڳ ئي ڦرن، ڀتا خوري ۽ ٻين ڏوهن ذريعي نه رڳو پنهنجون پارٽيون هلائين ٿا پر عوام جا همدرد به بڻجي عوام سان ئي ظلم ڪندا رهن ٿا.