تازيون خبرون

Daily Archives: September 21, 2014

ملڪي بقا لاءِ جمهوريت جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو: وزير اعظم

لاهور (م.د) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪي بقا ۽ رياست جي تحفظ لاءِ جمهوريت جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو، جمهوريت ۽ چونڊيل عوامي حڪومت کي عدم استحڪام جو شڪار ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن جن کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو، شهباز شريف جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي ڪوششن سان ٻوڏ سٽيل تمام جلد پنهنجي گهرن ۾ آباد ٿي ويندو ۽ حڪومت ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهي. آچر ڏينهن وزير اعظم پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي شهباز شريف وزير اعظم کي پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ احتجاجي ڌرڻن جي حوالي سان به آئينده جي حڪمت عملي تي ڳالهايو. ذريعن موجب ملاقات دوران تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ جي قيادت سان سياسي جرڳي ۽ حڪومتي نمائندن جي مذاڪرات جي حوالي سان آئينده جي حڪمت عملي طئه ڪئي وئي. وزير اعظم چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي سياست مستقبل جي حوالي سان مايوس آهن اهي احتجاجي ڌرڻن سان قوم کي به مايوس ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، موجوده حڪومت پارليامينٽ ۾ موجود سڀني سياسي پارٽين سان گڏجي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائيندي.

 

عالمي طاقتون آمرن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي طاقتون آمرن جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏين، جمهوري پاڪستان عالمي امن لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اسٽيڪ هولڊرز کي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، آمريت جي دور ۾ دهشتگردي وڌندي آهي، عالمي طاقتن کي غربت جي خاتمي لاءِ خصوصي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. آچر ڏينهن امن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اميد آهي ته عالمي طاقتون مفاد پرستن جي سرپرستي نه ڪنديون ۽ واعدو ڪن ته اهي آمرن کي ٻارن وانگر نه پالينديون، آمريت جي دور ۾ دهشتگردي وڌنديآهي ۽ جمهوريت ۾ امن قائم ٿيندو آهي عالمي طاقتون غربت جي خاتمي لاءِ اڳتي اچن.

 

عمران خان جو ڪراچي جو جلسو مڪ مڪو هو، هو هاڻي جان ڇڏائڻ چاهي ٿو: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان جو جلسو مڪ مڪا هو، اڄ عمران خان جان ڇڏائڻ جي لاءِ ڪراچي ويو هو، جلسي ۾ جاويد هاشمي متعلق نامناسب لفظ استعمال ڪيا ويا، پرويز رشيد چيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻا ناڪام ٿي چڪا آهن، عمران خان چيو هو ته اسلام آباد ڌرڻي ۾ موجود رهندس، پر روزانه ڌرڻي مان اٿي بني گاله وڃي ٿو، عمران خان اقليتن سان زيادتي جي ڳالهه ڪري ٿو، خيبرپختونخواهه ۾ سک برادري جا ماڻهو سراپا احتجاج آهن، عمران خان جي حرڪت جي ڪري ٻن دوست ملڪن جا سربراهه پاڪستان اچڻ کان گهٻرائي رهيا آهن.

 

صوبا ٺهيا ته چئني صوبن ۾ ٺهندا نه ته ڪٿي به نه ٺهندا: الطاف حسين

لنڊن (م.ڊ) ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته جيڪڏهن صوبا ٺهيا ته چئني صوبن ۾ ٺهندا نه ته ڪٿي ۾ نه ٺهندا، عمران خان کي سياست ۾ سڀ کان پهريان خوش آمديد ڪيو، عمران خان ڪراچي ۾ متحده جو مهمان هوندو ،اسان جائز مطالبن کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين. الطاف حسين چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي بچائڻو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻا پوندا جيڪڏهن سنڌ هڪ آهي ته 40 ۽ 60 سيڪڙو ڪوٽا ڇو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن اهڙي قسم جي ورهاست ڪئي ويندي ته سنڌ ۾ نئين صوبي جي قيام جو آواز اٿندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ وچين طبقي جي نوجوانن کي آڻي انقلاب آندو ان ڳالهه جي خوشي ٿي رهي آهي ته عمران خان ۽ طاهرالقادري به وچين طبقي جي ماڻهن کي اڳتي آڻي رهيا آهن.

 

پاڪستان جا اهم فيصلا واشنگٽن ۾ ٿيندا آهن: سراج الحق

پشاور(م.ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان جا اهم فيصلا واشنگٽن ۾ ٿيندا آهن، آمريڪا اسلام آباد ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو سفارتخانو ڇو ٺاهي رهيو آهي؟ هن چيو ته جاگيردارن، سرمائيڪارن ۽ مٺ جيتري اشرافيه جي نظام قوم کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، هن چيو ته  پاڪستان کي پنهنجينظريي، سڃاڻپ کان محروم ڪيو ويو آهي

 

نواز شريف جي استعيفيٰ تائين مهم ختم نه ٿيندي: عمران خان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف سرب
راهه پاران سنڌ جي دورن ۽ لاهور وڃڻ جو اعلان، سنڌي ڀائر تيار ٿي وڃو عمران خان توهان وٽ اچي رهيو آهي، ڪراچي ۾ مزار قائد وٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه  عمران خان چيو ته نواز شريف جي استعيفيٰ تائين مهم ختم نه ٿيندي، هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت تعليم کي ڏني ويندي، ڀتي ۽ قتل جي سياست به ختم ڪري ڇڏينداسين، 1970 جي چونڊن کان علاوه اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي، اڄ تائين ڪو به ڌانڌلي ۾ ناهي پڪڙيو ويو، جيستائين نواز شريف استعيفيٰ نه ڏيندو مهم کي ختم نه ڪندس، عمران خان خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته 18 سالن جي محنت  هڪ طرف، 39 ڏينهن جي جدوجهد هڪ طرف، نئين پاڪستان۾ پوليس کي غير جانبدار ۽ غير سياسي ڪرڻو آهي، اسان کي پوليس کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، سڀ کان پهرين ڪمزور طبقي تي ٿيندڙ ظلم ختم ڪنداسين، هڪ اهڙو ملڪ ٺهندو جو ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو هتي نوڪريون ڳولڻ ايندا، ملڪ ۾ هاڻي تائين جهنگ جو قانون آهي، اسان ملڪ ۾ اهڙو قانون آڻينداسين جتي سزا ۽ جزا جو قانون هوندو، اسان کي حق حاصل هئڻ گهرجي ته  ووٽ ذريعي پنهنجو ليڊر چونڊيون، هن چيو ته اسان اها قوم ٺاهينداسين جنهن جو قائد اعظم خواب ڏٺو هو،  عوام کي تقسيم ڪري سياسي فائدا کنيا ويا، مهاجر، سنڌي، بلوچي، پختون ۽ پنجاب سڀ هڪ قوم بڻائڻ آيو آهيان.

 

اداڪاره سني ليون نئين فلم ”ون نائيٽ اسٽينڊ“ سائن ڪري ورتي

ممبئي (شوبز نيوز) ”راگني ايم ايم“ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ سني ليSunny-Leone_PTIون هاڻي هڪ ٻي فلم ”ون نائيٽ اسٽينڊ“ ۾ نظر ايندي. سني ليون ٽي ڏينهن اڳ هڪ نئين فلم ”ون نائيٽ اسٽينڊ“ سائن ڪئي آهي جنهن ۾ هو بطور هيروئن جلوا ڏيکاريندي. ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ان فلم جو هيري جو ڪردار بپاشا باسو جو اڳوڻو بواءِ فرينڊ رانا دگوبتي هوندو. هاڻ اداڪارا وٽ ٽي نوان پراجيڪٽ آهن جن ۾ ”ٽينا اينڊ لو لو، مستي زادي ۽  ڪرنٽ ٿيگا“ شامل آهن ان سان گڏوگڏ هوءَ ”تيرا بي ايمان لو، پٽيل ريپ ۽ ڊي ڪي“۾ به ڪم ڪري رهي آهي.

 

اسٽوڊيوز جي ويراني ڏسي انتهائي ڏک ٿيو آهي: سينيئر اداڪاره ممتاز

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي ماضي جي سپر اسٽار ممتاز چيو آهي ته اسٽوڊيوز جي ويراني ڏسي کيس انتهائي ڏک ٿيو آهي. ممتاز جنهن جي ڪريڊٽ تي امبر، خوشبو ، انتظار ۽ جوش جهڙيون شاهڪار فلمون آهن، اڄڪلهه امريڪا مان پاڪستان آئي آهي، جو چوڻ هو ته اهو وقت وسارڻ جوڳو ناهي جڏهن پاڪستان ۾ شاهڪار فلمون ٺهنديون هيون جيڪي هاڻي نه هئڻ جي برابر ٺهي رهيون آهن. هن سينيئر فلمسٽار اختر شاد جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلم انڊسٽري جي تباهي ۽ اسٽوڊيوز جي ويراني ڏسي کيس افسوس ٿيو. هن چيو ته هوءِ امريڪا ۾ پر سڪون زندگي گذاري رهي آهي

 

اسان جي سمجھه ۽ سوچ هالي ووڊ فلمن کان مختلف آهي؛ شاهد ڪپور

(شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾عالمي معيار جون فلمون نه پيون ٺهن، آسڪر جو خيال بيوقوفي لڳندو آهي. پنهنجي نئين فلم ”حيدر“ جي مشهوري مهم دوران اداڪار شاهد ڪپور چيو ته بالي ووڊ ان لاءِ آسڪر ايوارڊ نه ماڻيندي آهي جو اسان دنيا جي فلم ڏسندڙن کي نظر ۾ رکي فلمون نه پيا ٺاهيون. تقريب ۾ ڳالهائيندي شاهد ڪپور چيو ته اسان جي فلمي صنعت دنيا ۾ ٻئين نمبر تي آهي، اسان ڪم ڪندي صرف پنهنجي فلم ڏسندڙن کي نظر ۾ رکندا آهيون. اسان جي سمجھه ۽ سوچ هالي ووڊ فلمن کان مختلف آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جون گھٽ اهڙيون فلمون آهن جيڪي هتي ۽ عالمي طور تي ڪامياب ٿينديون. شاهد چيو ته ماڻهو انڊيا ۾ فلمون ٺاهي سوچيندا آهن ته هي آسڪر ايوارڊ لاءِ چونڊبي. مون کي اهڙو خيال بيوقوفاڻو لڳندو آهي ڇو ته انڊيا ۾ مان ماڻهن لاءِ فلمون ڪندو آهيان. هن چيو ته ”حيدر“ ۾ ڪم ان لاءِ ناهي ڪيو ته مون کي ڪنهن ٻئي هنڌ چونڊيو وڃي، پر مان ان ڪري ڪم ڪيو جو انڊيا جا ماڻهو ان کي پسند ڪن.

 

مان اڄ ڪلهه فلم ”ايڪيس توپون ڪي سلامي“ جي فلمبنديءَ ۾ مشغول آهيان؛ نيها

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا فلم ”جولي ٽو“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا جنهن 2014ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”جولي“ ۾ بولڊ ڪردار نڀايو هو، ان سلسلي جي ٻين فلم ۾ اداڪاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اداڪارا پنهنجي تازي انٽرويوءَ چيو ته مان اڄ ڪلهه فلم ”ايڪيس توپون ڪي سلامي“ جي فلمبنديءَ ۾ مشغول آهيان جنهن ۾ مان نرالو ڪردار ادا ڪري رهي آهيان، هن چيو ته مون کي اهڙن ڪردارن ۾ دلچسپي ڪانهي، جن ڪردارن ۾ منهنجي دلچسپي ناهي هوندي اهي مان ڪردار ادا ناهيان ڪندي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ مون کي بولڊ ڪردار نڀائڻ دلچسپ لڳا ته مون اهي ڪيا. هاڻ اهڙن ڪردارن لاءِ فلحال راضي ناهيان. نيها ڌوپيا جي فلم ”اڪيس توپون ڪي سلامي“ جلد رليز ٿي رهي آهي.