تازيون خبرون

سني ديول ۽ شاهه رخ وچ ۾ 16 سالن جي ناراضگي جو انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز) ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار سني ديول باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان 16 سالن جي ناراضگي تي خاموشي ٽوڙيندي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 27 چيو آهي ته 1993 ۾ فلم “ڊر” جي شوٽنگ جاري هئي، هڪ سين ۾ شاهه رخ خان کي مون کي چاقو هڻڻو هو، جنهن تي مون هدايتڪار

ڪنگنا رناوت، ريٿڪ روشن معاملو، ريٿڪ روشن جي ڀيڻ ڀاءُ جو ساٿ ڇڏي ڌنو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت ۽ اداڪار ريٿڪ روشن ڪيترن سان کان هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا آيا آهن پر هاڻ ريٿڪ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 07 جي ڀيڻ سنينا روشن به ان مسئلي تي پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.سڀني کي اهو محسوس ٿي رهيو هو ته سنينا ان معاملي ۾ پنهنجي

سرفراز احمد ڪپتاني جو اهل ناهي: معين خان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪپتان سرفراز احمد کي ٽيم ۾ ڌڙابندي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01 جو علم هو پر پوءِ به هو ان کي ختم نه ڪرائي سگهيو ته ان جو مطلب آهي هو ڪپتاني جو اهل ناهي.ڪراچي ۾ هڪ تقريب کانپوءِ صحافين

ڪپتان وليمسن جي ذميواراڻي بيٽنگ، نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ جي 25 هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي سخت مقابلي کانپوءِ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ڏکڻ آفريڪا جي 242 رنسن جي جواب ۾ ڪپتاني/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 04 اننگز کيڏندي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، وليمسن ڇڪو هڻي شاندار سينچري اسڪور ڪئي ۽ 103 رنسن

هر پاسي کان مايوس ڪندڙ خبر ملي رهي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا ملڪي سياست، معيشت ۽ ڪرڪيٽ بابت خبرن تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا اسلام آباد مادل ڪورٽس جي جڊيشل آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪيس جلد نه اُڪلائڻ سبب ڪيترائي ماڻهو جيلن ۾ آهن، جيلن ۾ قيد ماڻهن

مخالف ڌر بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف کي ميثاق جمهوريت جي آڇ

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيئي ردڪندي گهر ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي حڪومت بجيٽ واپس وٺي عوامي خواهشن جي عڪاسي ڪندڙ بجيٽ ٻيهر پيش ڪري. عمران خان ڪنٽينر

گهريلو صارفين لاءِ پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو اضافي جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت گهريلو صارفين لاءِ پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف حڪومت هلندڙ مالي سال دوران گئس جي قيمتن ۾ 143 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. پئٽروليم ڊويزن گهريلو گئس صارفين لاءِ پهرين سليب ۾ گئس جي قيمتن ۾ 25 سيڪڙو

سنڌ حڪومت جو پوليو ويڪسين کان انڪاري والدين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته پوليو جو خاتمو صوبائي حڪومت لاءِ ھڪ وڏو چئلنج بڻجي ويو آھي انڪري سندس ٽيم کي ھدايت ڪئي تھ اھي ان کي ھڪ چيلنج سمجھندي نئين حڪمت عملي ۽ صلاحيت اختيار ڪئي وڃي ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار

وزيراعظم خانڳڙهه پهتو، علي محمد مهر جي پوئنرن سان تعزيت

خانپور مهر (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان خانڳڙهه پهچي مرحوم علي محمد مهر جي پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي ميمبرز ۽ اتحادي اڳواڻن سان گڏ گهوٽڪي جي دوري تي خانڳڙهه پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان وفاقي وزير علي محمد مهر جي لاڏاڻي تي پونيئرن سان تعزيت ڪئي. اُن موقعي تي علي

اخباري ملازمن لاءِ 8 ويج بورڊ جي گڏيل عبوري ايوارڊ جو اعلان ، اپوزيشن وارا ڀڀڪين سان بجيٽ جي منظوري نٿا روڪي : فردوس عاشق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) اخباري ملازمن لاءِ 8 ويج بورڊ جي گڏيل عبوري ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو اربع تي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي صدارت هيٺ ويج بورڊ بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحافين جي نمائنده تنظيمن جا عهديدار شريڪ ٿيا. پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر بحزاد سليمي اجلاس ۾ پي آر